نڊوڄام پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سدس قبضي مان هڪ ڪلو کان مٿي چرس هٿ ڪرڻ جي دعویٰ ڪئي آهي. ٽنڊوڄام پوليس پاران ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ جي سخت هدايتن تي منشيات فروشن ۽ سماجي براين خلاف ڪاروائي ڪندي جوابدار محمد بخش عرف ممو مگسي کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار وٽان هڪ ڪلو مٿي چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او ٽنڊوڄام غلام مجتبیٰ شيخ جي اڳواڻي ۾ پوليس پاران ڳجهي اطلاع ملڻ تي ٽنڊوڄام ويجهو ڳوٺ سوڀو مگسي وٽ ڇاپو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار نالي محمد بخش مگسي کي گرفتار ڪري سدس قبضي مان هڪ ڪلو هڪ سئو گرام چرس هٿ ڪري جوابدار خلاف ٽنڊوڄام ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جوابدار کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. انهي حوالي سان ايس ايڇ او ٽنڊوڄام جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد جي سخت هدايتن تي منشيات فروشن ۽ سماجي براين خلاف بنا فرق جي ڪاروايون جاري رهنديون.