آفيسرس ۽ استادن جو رھتون ادا نه ٿيڻ ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري، ڏوڪري ڪاليج ۾ احتجاج ڪيو ويو، يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن خساري جو مک سبب آھي، ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي جي گھر، يونيورسٽي کي واڌو بجيٽ ڏيڻ جو به مطالبو، تفصيل موجب سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ استادن ۽ آفيسرن جي احتجاج اڄ 16 ٻهڏينهن به جاري رهيو، استادن ۽ آفيسرن پاران وڌيل پگھار جاري ڪرڻ، رھتون ادا ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل تحت پروموشن ڏيڻ، ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي انڪوائري ڪرڻ وارن مطالبن تحت پنھنجو احتجاج ڪيو پيو وڃي، آئي ٽي فيڪلٽي اڳيان احتجاج کي رياست علي ڪٻر، غلام حيدر جويو، عبدالقادر چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، علامتي بک ھڙتال تي رٽائرڊ آفيسرن به شرڪت ڪئي ۽ سندس ڪميوٽيشن ۽ بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي، يونيورسٽي جي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي آفيسرن به نور احمد ساريو اطھر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، تقريرون ڪندي آفيسرن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ ٿيل خساري جي ذميوار ماڻھن خلاف انڪوائري ويھاري وڃي، يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جا دروازا بند ڪيا وڃن، جن سبب جي ڪري اداري کي خسارو پھتو، انھن لاءِ اڻڌري انڪوائري ڪرائي وڃي، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي کي خساري مان ٻاھر ڪڍڻ، فوتي ۽ رٽائرڊ استادن، آفيسرن ۽ امپلائيز جي ڪميوٽيشن، پينشن ۽ ٻيون بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ خاص گرانٽ جاري ڪئي وڃي