اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ ٻين خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بينڪنگ ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو آھي
شريڪ جوابدارن طارق شفيع ۽ فيصل مقبول کي 5 ڏينهن اندر جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي
طارق شفيع ۽ فيصل مقبول جي حفاظتي ضمانت ۾ هڪ هفتي تائين واڌ ڪئي وئي آھي، عدالت چيو ته جوابدار جاچ ۾ شامل ٿي بينڪنگ ڪورٽ سان رابطو ڪن
عدالت فارين ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس جو دائره ڪار طئي ڪري ڇڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عمران خان ۽ ٻين خلاف ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌو ويندو