سينٽياگو(ويب ڊيسڪ) فلڪيات جي ماهرن زمين کان ٻه پوائنٽ چار ارب نوري سال جي مفاصلي تي موجود هن وقت تائين جي سڀ کان چمڪندڙ روشني جو نظارو ڪيو آهي. سائنسدانن موجب روشني جو اهو جوهر پنهنجي اندر ۾ هڪ سئو اسي کرب وولٽ جي توانائي رکي ٿو. حقيقت ۾ اهو گاما ريز جو شديد ترين ڌماڪو به آهي.
گاما شعائن (اليڪٽرو ميگنيٽڪ شعاعن جو سڀ کان سخت قسم) جو اهو ڌماڪو سڀ کان اڳ نوَ آڪٽوبر تي خلا ۾ ترندڙ ٽيلي اسڪوپ ڏٺو هو ۽ ان جي چمڪ هن وقت تائين دنيا جا سڀ سائنسدان ڏسي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها چمڪ بليڪ هول جي وجود ۾ اچڻ جي ڪري ٿي هئي.
چِلي ۾ لڳل جيمينائي سائوٿ ٽيلي اسڪوپ جي انفرا ريڊ شين جو استعمال ڪندي ان منظر جو مشاهدو ڪندڙ برينڊن او ڪونر جو چوڻ آهي ته اسان تائين پهچڻ واري فوٽونز جو مقدار ۽ فوٽونز جي توانائي ٻئي شيون گذريل رڪارڊ ٽوڙي رهيون آهن. اهڙي نوعيت جو روشن واقعو هڪ صدي ۾ هڪ ڀيرو ئي ٿيندو آهي.
هن چيو ته سوين سيڪنڊن تائين ڳونجندڙ ان ڌماڪي بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو اسان جي سج کان ٽيهه ڀيرا وڏي ستارن کي ختم ٿيڻ جي ڪري ٿيو آهي.
جيڪڏهن ڪو ستاري انتهائي شدت سان ڦاٽندو آهي ته بليڪ هول وجود ۾ ايندو آهي جنهن کانپوءِ بليڪ هول جي چوڌاري ٺهندڙ مادان ان اندر ڪرندا آهن ۽ بليڪ هول انهن کي نوانوي پوائنٽ نوانوي سيڪڙو روشني جي رفتار سان ٻاهر اڇلائيندو آهي.
ڌماڪي ۾ خارج ٿيندڙ پروٽونز رڪارڊ ارڙهن ٽيرا اليڪٽرون وولٽس جي توانائي تي ٻڌل هوندا آهن ۽ ان عمل جي ڪري زمين جي آئينو اسفيئر ۾ ڊگهي لهر ريڊيو مواصلات کي متاثر ڪيو آهي.
آئينواسفيئر سطح سمنڊ کان اٺيتاليهه ڪلوميٽرن کان نوَ سئو پنجهٺ ڪلوميٽرن جي اوچائي تي اها سرحد هوندي آهي جيڪا زمين جي ماحول کي خلا کان الڳ ڪندي آهي.