لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ ڀارت طرفان پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري معاملي تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) کي خط لکي ڇڏيو آهي
ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اي سي سي کي لکيل خط ۾ ڀارت ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ خط ۾ بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئي شا جي بيان جي مذمت ڪئي آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئي شا (جيڪو اي سي سي جو صدر پڻ آهي) گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ ايشيا ڪپ کي ٻئي هنڌ کيڏڻ جو پاڻمرادو فيصلو ڪيو هو
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه جي بيان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو هنگامي اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کان ڌار ٿيڻ ۽ ايندڙ سال ڀارت ۾ ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو