يوسي رحيم بخش وساڻ جي ڳوٺ ارشاد علي گوپانگ ڳوٺ قاسم خاصخيلي ڳوٺ غلام شبير ڪلادي ڳوٺ حڪيم سيال ڳوٺ يار محمد ڪلادي ڳوٺ چانڊيه بڙدي لنڊ ۽ ٻين کي ڪائونسلر محمد بخش ڪلادي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جون آھون ۽ دانهون جنهن م سليمان گوپانگ پريل گوپانگ سينگار گوپانگ ارشاد گوپانگ محمد علي بڙدي شهباز گوپانگ ماجد سجاد چانڊيو باشن گوپانگ ساجد لنڊ صابر بلوچ اربيلو خاصخيلي صدام ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته
سرڪار ۽ ٻين تنظيمن پاران راشن ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڪجھ من پسند ماڻهن کي ڏيڻ کان سواء سڄو سامان لڪائي کينس ٻاهر وڪرو پيو ڪري جنهن ڪري اسان ڳوٺاڻن سان وڏي نا انصافي ٿي رهي آھي هڪ ته بارشن م اسان جا گهر فصل سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويا پر هن مهل تائين گورنمنٽ طرفان ڪابه سهولت نه ملي آھي متاثرن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته ڪائونسلر محمد بخش ڪلادي روزانه آسره دلاسا ڏئي خالي واپس موٽائي ڇڏيندو آھي جنهن سان پڻ حق طلفي ڪئي پئي وڃي هنن محترم منظور حسين وساڻ بيريسٽر هالار خان وساڻ ڊي سي خيرپور اي سي ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته نااهل ۽ ڪرپٽ يوسي رحيم بخش وساڻ جي ڪائونسلر محمد بخش ڪلادي خلاف قانوني قدم کڻي کينس غريبن مسڪينن جي واهر ڪئي وڃي
يوسي رحيم بخش وساڻ جي ڳوٺ ارشاد علي گوپانگ ڳوٺ قاسم خاصخيلي ڳوٺ غلام شبير ڪلادي ڳوٺ حڪيم سيال ڳوٺ يار محمد ڪلادي ڳوٺ چانڊيه بڙدي لنڊ ۽ ٻين کي ڪائونسلر محمد بخش ڪلادي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جون آھون

Leave a comment