. خبر موجب ترڪي جي ثقافت ۽ سياحت واري وزارت جي ماتحت ٽرڪش ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا)، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سهڪار سان سنڌ جي 8 ٻوڏ متاثر علائقن جي ننڍن هارين کي ڪڻڪ جو ٻج مفت فراهم ڪندي، ان سلسلي ۾ ٽيڪا جي ڪراچي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر حليل ابراهيم بصران وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنٽ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ پروڊڪشن سيل ڊاڪٽر ظهور سومرو، ڊاڪٽر اعجاز سومرو، ڊاڪٽر ثمينه ناگراج، سنڌ زراعت کاتي جو اسلام الدين راجپوت، محمد رفيق راهو ۽ ٽيڪا جي ريپريزينٽيٽو مس فاطمه پڻ موجود هئا، ان موقعي تي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي 8 برسات متاثر ضلعن جي 600 هارين کي ترڪي حڪومت پاران ٻن ايڪڙن جو ڪڻڪ جو تصديق ٿيل ٻج مفت فراهم ڪيو ويندو، انهن ضلعن ۾ دادو، خيرپور، سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، بدين، مٽياري ۽ عمرڪوٽ شامل هوندا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت جا ادارا زرعي توسيع ۽ زرعي تحقيق، ايجنسي سان سهڪار ڪندا، ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته ٻج 1 کان 10 ايڪڙ وارن هارين کي ڏنو ويندو، جنهن لاءِ زراعت کاتو هارين جي لسٽ ۽ ايراضي جي حد بندي ۾ مدد ڪندو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ترڪ حڪومت سنڌ جي غريب هارين جي مدد ڪري سٺو ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي بهتر ٻج ۽ ان جي شفاف ورڇ جو ڪم ذميواري سان سرانجام ڏيندي، ۽ يونيورسٽي جا ماهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا.