ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي اگهه ۾ گذريل ڪاروباري هفتي کان مسلسل واڌ جاري آهي.
انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ نئين ڪاروباري هفتي جي ٻئين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 82 پئسا واڌ ٿي آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انڊيڪس ۾ گڏيل رجحان رهيو، مارڪيٽ 83 پوائنٽس جي واڌ جي اضافي مان 41 هزار 839 پوائنٽس تي بندي ٿي.فاريڪس ڊيلز موجب انٽربئنڪ ۾ ڊالر 218.89 مان وڌي 219 رپيا 71 پئسن تي بند ٿيو آهي.