ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جي شاهه اعلان ڪيو آهي ته 2023ع جي ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ جو ساليانو اجلاس اڄ ممبئي ۾ ٿيو جنهن جي شاهه ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ وارو بيان ڏنو.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر جي شاهه چيو ته ايندڙ سال ايشيا ڪپ نيوٽرل وينيو تي ٿيندو.
ذريعن موجب ڀارت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل واري فورم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، ڀارت سان واسطو رکندڙ اي سي سي صدر پاڻ فيصلا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان فيصلي تي فلحال پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اي سي سي جي فيصلي جو انتظار ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان کي ون ڊي فارميٽ ايشيا ڪپ جي ميزباني ايندڙ سال سپٽمبر ۾ ڪرڻي آهي.
هن چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس کانسواءِ فيصلو ٻڌايو.