سنڌ جي برک دانشور ۽ شاعر پروفيسر سرور سيف چيو آهي ته مان پنهنجي زندگي ۽ فن عوام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي مون جيڪا علم جي روشني ۽ لاٽ ٻاري هئي ان جو عملي ثبوت اهو آهي ته اڄ منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو زندگيءَ ۾ مونکي مڃتا ڏئي رهيا آهن اهڙي خيالن جو اظهار پروفيسر سرور سيف عوامي هائوس ڳوٺ دلدار سميجو ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ دلدار سميجو يوٿ فورم جي طرفان ساڻس ملهايل رهاڻ جي موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي صدارت مشهور ترقي پسند دانشور رئوف پارس ڪئي جڏهن ته مهمان خاص جي حيثيت ۾ ، تعلقا ميونسپل پنوعاقل جي ايڊمنسٽريٽر عبدﷲ جهلڻ’ رسول بخش حسيني جوڻيجو، اڳوڻو جج محمد عمر جتوئي، پروفيسر غلام محمد منصور سمائر، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڪراچي سرور سميجو ۽ ،سيڪريٽري جنرل سنڌ ادبي سنگت پريل دايو شرڪت ڪئي ان موقعي تي اياز لطيف دايو، غلام حيدر سميجو، ڊاڪٽر سجاد سرور، عبدالحفيط دايو ،بيوس زمان ڪلوڙ، رفيق انڍڙ، سيد الطاف شاه علي اويس سميجو، سرتاج سميجو سرمد سميجو، سرواڻ سميجو، قمرالزمان سميجو ،حنيف سميجو ،سهيل سميجو ڄام گلابي سميجو، نديم خان سميجو، نجيب شاھ ،۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ استاد سرور سيف جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي ان کان اڳ مهمانن کي سنڌ ثقافتي سوکـڙي پيش ڪئي وئي ان موقعي تي رئوف پارس دايو ،رسول بخش حسيني جوڻيجو، ڊاڪٽر اياز ابراهيم چنو، نورﷲ مهيسر ڊاڪٽر زمان سميجو، الطاف شاه، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڪراچي سرور سميجو ، ٻين پ ٽ الف اڳواڻ سڪندر جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر سرور سيف، علم ادب جي دنيا ۾ شعور پيدا ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته استاد سرور سيف تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ سوين شاگردن پيدا ڪيا آهن هنن سرور سيف جي علمي ادبي خدمتن تي پڻ روشني وڌي.