ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل هفتي واپار جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قدر۾ معمولي واڌارو ٿيو ۽ ڊالر پنج پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه سو ارڙنهن رپيا ٽيتاليهه پيسا ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ چار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه سو ڇوويهه رپيا ٿي ويو.
تازو سومر جي ڏينهن انٽربينڪ واپار جي شروعات ۾ به انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ ڊالر ست پيسا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه سو ارڙنهن رپيا پنجاهه پيسا ٿي ويو آهي.