ڪراچي: پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي صدر جي تڪراري بيان تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کي طلب ڪري ڊيمارش ڪنداسين
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر بائيڊن جي بيان تي اچرج ٿيو، ڪنهن ملڪ جي ايٽمي هٿيارن تي سوال اٿي سگهي ٿو ته اهو ڀارت آهي، جنهن جو هڪ ميزائيل غلطيءَ سان پاڪستان ۾ اچي ڪريو هو
هن چيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، اسان ايٽمي اثاثن جا باني آهيون ۽ پنهنجن اثاثن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا
بلاول چيو ته صدر بائيڊن جي بيان تي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو آهي
بلاول وڌيڪ چيو ته آمريڪي سفير کي ڊيمارش ڏئي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪنداسين، اسان کي يقين آهي ته صدر بائيڊن جي بيان سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي اثر نه پوندو
بلاول چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان ٻڌائي ته هو ڪنهن جي لاءِ لانگ مارچ ڪري رهيو آهي
پ پ چيئرمين چيو ته ضمني چونڊن ۾ عمران خان کي شڪست ڏينداسين