خبرموجب
سماجي تنظيم پاران آر .ايس پي اين جي تعاون سان سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪامونسل باجاره جي ڳوٺ عمر خان رند ڻ مفت ايمرجنسي رليف ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي ڪئمپ ۾ سوين معصوم ٻارڙن.عورتن مردن جي مختلف بيمارين جون چيڪ اپ ڪري مفت دوامون ڏنيون ان موقعي تي تنظيم پاران منڇر کان بچاء لاء مڇر دانيون ۽ صاف پاڻي لاء بوتلون پڻ ڏنيون ويون .ان موقعي تي ٿرديپ جي ضلعي پروجيڪٽ آفيسر ميڊم شهناز سيال .تعلقه سپروائيزر سعيده قريشي .نظير .ارباب.عدنان شورو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرديپ واحد تنظيم آھي جيڪا بنا ڪنهن فرق جي سڄي سنڌ ۾ مختلف پروجيڪٽ تي ڪم ڪري پئي اسان دادو ضلعي .ڄامشورو ۾ برساتن کان وٺي فلڊ ايمرجنسي ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪيون پيا ڳوٺ عمر خان رند ۾ اسان پهرين کان ڪم ڪيون پيا .هن ڳوٺ جا ٻارڙا اسان وٽ رجسٽر آھن برسات ۽ ٻوڏ کان پوء گيسٽرو .مليريا .چمڙي جي بيمارين سميت مختلف بيماريون پيدا ٿيون آهن .هتي عورتن ۾ عورتاڻي بيمارن سنيت ٻيون بيماريون آھن ٻارڙن ۾ دست.الٽين.مليريا .سميت چمڙي جون بيماريون ۽ غذا جي کوٽ آھي .اسان مختلف بيمارين کان بچاء لاء دوامون ۽ مڇرن کان بچاء لاء مڇر دانيون ۽ صاف پاڻي لاء بوتلون ڏنيون آھن
ماجي تنظيم ٿرديپ پاران آر ايس پي اين جي تعاون سان سيوهڻ جي يونين ڪائونسل باجاره جي ڳوٺ عمر خان رند ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي
Leave a comment