تفصيل موجب صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ سول اسپتال شڪارپور ۾ ٿيليسميا سينٽر جو افتتاح ڪيو . ان موقعي تي تقريب ء ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته اڄ اسان ٿيليسميا جو سافٽ آغاز ڪري رھيا آھيون جيئين رجسٽرڊ مريضن جو علاج شروع ٿي سگھي جڏھن ته باقائده افتتاح وزيراعلي سنڌ ء صحت واري وزير ڪندي. ھن چيو ته کيس بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ھن وقت تائين ھڪ سئو پنجويھ کان وڌيڪ ٿيليسميا جا مريض رجسٽرڊ ٿيا آھن جن ۾ پنجھتر شڪارپور جڏھن ته باقي ، سکر، خيرپور ، لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد ء بلوچستان سان تعلق آھي. ھن چيو ته ھڪ مھيني بعد ھن سينٽر کي چويھ ڪلاڪ سروس مھيا ڪرڻ جي لائق بنائينداسين. ھن چيو ته ٻارن جو وارڊ ، گائني وارڊ ، اين آء سي وي ڊي چيسٽ پين سينٽر ء ٿيليسميا جو آغاز ڪري چڪا آھيون جڏھن ته ايس آء يو ٽي ء ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاء ٽراما سينٽر جو پڻ جلد آغاز ڪنداسين. صوبائي وزير چيو ته ھي سڀ ڪجھ پيپلز پارٽي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ، وزيراعلي سنڌ ء ھيلٿ منسٽر جي ھيلٿ پاليسي تحت شڪارپور ء سنڌ جي عوام کي صحت جي سھولتون ڏنيون پيون وڃن. ھن چيو ته سول اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽرن جي اڪثريت جو تعلق شڪارپور سان آھي تنھن باوجود پنھنجون ڊيوٽيون سرانجام نه ڏيڻ تي افسوس ٿو ٿئي . صوبائي وزير چيو ته ڪجھ گوسڙو ڊاڪٽر ته ستن سالن کان ڊيوٽي تان غائب آھن . ھن چيو ته اھڙن گوسڙو ڊاڪٽرن جون پگھارون بند ڪرايون آھن ء سندن برطرفي لاء لکيو آھي ء نين ڀرتين تحت شڪارپور ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي ويندي. امتياز احمد شيخ عمران خان بابت پڇيل ھڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته عمران خان ھڪ سازشي ء اقتدار جو حوس پرست انسان آھي جيڪو ھن ٻوڏ واري صورتحال ۾ عوام جي مدد ڪرڻ بجاء سازشن ۾ مصروف آھي ء جلسا جلوس ڪري رھيو آھي . ھن چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ دشمن پارٽي آھي. ان کان پھرين افضال ميميويل ٽرسٽ جي ڊاڪٽر اعجاز سيال بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير کي ٻڌايو ته ھن وقت تائين ھڪ سئو پنجويھ مريض رجسٽرڊ ٿيا آھن ، سينٽر ڊي ڪيئر سروس مھيا ڪري رھيو آھي ھن چيو ته سينٺر ۾ بلڊ بينڪ، ، ايڪسري، الٽرا سائونڊ ء ٻيون مشينون موجود آھن ء سينٽر ٻارنھن بيڊن تي مشتمل آھي . ھن چيو ته سينٺر کي رائونڊ ڪلاڪ ھلرايو وڃي ، سينٽر ۾ اسڪين، ايم آر آء ء سي ٽي اسڪين جون مشينون به ڏنيون وڃن .تقريب ۾ ڊاڪٽر جھانگير، ميان باقي ، ظفر شيخ، ڊاڪٽر آفتاب ء ٻين شرڪت ڪئي.