ضلعي مٽيارئ جي تاريخي ڳوٺ درگاھ فقير نوح هوٿياڻئ جي رهواسي فقير وارث نوح پوٽو پاران پنهنجي 20 ايڪڙ زرعي زمين تي ويهاريل برساتن متاثر ٿيل ماڻھن جي انتظاميہ سميت ڪنهن سار نہ لڌي آھي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪل نہ ٿيڻ سبب معصوم ٻار۔ عورتون ۽ مرد گيسٽرو۔مليريا۔بخار۔دست الٽين چمڙئ جي بيمارين ۔ڊائريا ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن رهواسين لڇمڻ۔ڏيارام۔پريم۔شيرل۔وڪيو۔صدام صدورو۔ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي تہ تازين برساتن ۾ اسان جا 150 کان وڌيڪ ڪچاپڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا اسان جا فصل تباھ ٿي ويا آهڻ گهرن جي ڪرڻ ڪري متاثر ٿيل کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ متاثرٿيلن ۔معصوم ٻارن عورتن ۽ مردن ۾ مليريا، گيسٽرو، ڍينگي توڙي ٻيون وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ پر حڪومت طرفان اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ميديڪل سميت ٻيون سهولتون فراهم نہ ڪيون ويون آهن انتظاميہ کي گهرجي تہ جلد کان جلد ميڊيڪل ٽيمون موڪلي متاثر ٿيل علائقن جي ماڻھن جو علاج ڪرائي ۽ گهرن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ماڻھن کي گهر ويٺي ٽينٽ ۽ راشن مهيا ڪري ۽ برسات متاثر ٿيل گهرن جي سروي ڪئي وڃي