فصيل موجب سڳيون ڀرسان ڳوٺ گل ڪلهوڙو ۾ سيف طرفان قائم حسنين پبلڪ اسڪول جي پرنسپال ۽ سينئر صحافي تسليم احمد ڪوري ۽سندس گهرواري في ميل اسڪول ٽيچر مٿان ڳوٺ جي بااثر وڏيري گل ڪلهوڙو سندس پٽ فيض محمد ڪلهوڙو، منظور ڪلهوڙو ۽ٻين 15 هٿياربندن طرفان حملو ڪري تشدد بعد موبائيل فونون ڦر ڪري اسڪول جي ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد ڪيو ۽ چيو ته تو اسان جي سردار شاهنواز خان ڪلهوڙو خلاف خبرون ٿو هلائين توکي ماري خون ڪندا سي جنھن بعد صحافي پنهنجي جان بچائي پريس ڪلب تي پهتو جنهن بعد سڳيون جي سينيئر صحافين فدا حسين عباسي، ميان اسد الله چنو، امير علي لڪ ،بخت علي سيال، عرفان چنو، الفت علي ڀاڳت، نجيب علي ڪلهوڙو، نذير حسين لڪ۽ٻين صحافين احتجاج ڪندي چيو ته سڳيون جي سينيئر صحافي ۽سندس گهرواري تي تعليم جھڙي مقدس اداري ۾ پنهنجي ئي 200 معصوم شاگردن جي سامهون 15 هٿياربندن طرفان حملي ڪرڻ ۽ سندن تي تشدد ڪرڻ جي ڪهڙو قانون اجازت ڏئي ٿو ان جي سخت لفظن لفظن ۾مذمت ڪجي ٿي ايس ايس پي خيرپور ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته حملي آورن کي فوري طور تي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي