ملڪ جي زرعي انجنيئرنگ جي ماھرن ۾ اسڪالرز ملڪ ۾ ماحول دوست انجڻن کي ھٿي ڏيڻ ۽ تدريسي ادارن ۽ صنعت ۾ گڏيل رابطن ۽ مارڪيٽ جي گھرجن موجب نصاب تيار ڪرڻ تي زور ڏنو آھي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي گريجوئيٽس لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت ھڪ ڏينھن واري ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آھي ته يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين ۾ انڊسٽري ۽ ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ کي نئين ٽيڪنالوجي موجب گھربل نوان ڪورسز ۽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائي رھيا آھيون، ھن چيو ته اڪيڊميا ۽ انڊسٽري جي گڏيل سھڪار سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ بزنس ۾ نيون آئيڊياز اچڻ سان ملڪ ترقي ڪندو، فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته زرعي يونيورسٽي جو ايگريڪلچر انجنيئر بھترين شعبن تي تحقيق ڪري ٿو، توانائي، ماحوليات، آبپاشي سميت مختلف شعبن ۾ شاندار تدريسي، تحقيقي ۽ جديد ٽيڪنالوجي بابت ڄاڻ ھجڻ ڪري سرڪاري، خانگي ادارن توڙي بطور انٽرپرينيئور پنھنجي قابليت مڃائي سگھي ٿو، ان ڪري ھتان جي گريجوئيٽ کي موقعا ملڻ گھرجن، ورڪشاپ جي ريسورس پرسن ۽ نيو ڪيس ھالينڊ انڊسٽري جي ڪنٽري مينيجر پاڪستان انجنيئر منصور علي رضوي چيو ته دنيا جي گلوبل وليج ھجڻ جو مطلب آھي ته اسان جي نوجوانن ۾ دنيا جي سڀني قومن سان چٽاڀيٽي ۾ قابليت ھجڻ گھرجي، ھن چيو ته ٻوڏ سميت مختلف مصيبتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اسان کي پنھنجي قابليت پيدا ڪرڻ پوندي، ھن چيو ته يونيورسٽي جي ھن فيڪلٽي لاءِ ھو سينٽر آف ايڪسلينس ٺاھڻ لاءِ اٽالين ايمبسي سميت مختلف ملڪي ۽ عالمي ادارن سان رابطو ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي تبديل ٿي ويئي آھي، ھاڻي پراڻي انجڻ کي ناڪاره سمجھيو پيو وڃي، ماحوليات ۽ موسمي تبديلين بعد ماڊرن انجڻ ۽ ماحول دوست انجڻون تيار ڪيون پيون وڃن، اسان کي نصاب ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، بي بي ايس يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپورميرس جي پروفيسر انجنيئر اياز علي مانڊڻ چيو ته يونيورسٽي جي ايگريڪلچر انجنيئر کي خانگي يا سرڪاري شعبي ۾ پاڻ مڃائڻ لاءِ تحقيق ۽ نئين ايجادات تي توجھ ڏيڻو پوندو، ان موقعي تي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمود لغاري، اسسٽنٽ پروفيسر زيبيسٽ ڊاڪٽر ڪامران احمد سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر عنايت اللھ راڄپر، ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاھ، ڊين ڊاڪٽر منظور علي ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.