ڪراچي ڊي ايم سي ايسٽ جي ضلعي ايڊمنسٽريٽر رحمت الله شيخ چيو آهي تـ ضلعي اوڀر ۾ جتي تدريسي سرگرمين جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي اتي صحت مند سرگرمين جي فروغ لاءِ پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر ايگزيڪيوٽو انجنيئر امتياز ڀٽو، ڊائريڪٽرز توقير عباس، آغاسمير سان گڏ قائد عوام فٽبال گرائونڊ حسين هزاره گوٺ ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي معائني دوران ڪيو ان موقعي تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر رحمت اللـ شيخ آفيسرن کي هدايت ڪئي تـ گرائونڊ جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ضلعي ايسٽ ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڏسڻ چاهيان ٿو ان ڪري ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو تـ نوجوانن ۽ ٻارن کي تعليمي سرگرمين لاءِ فٽنيس برقرار رکڻ جي سخت ضرورت آهي، ان لاءِ راندين جون سرگرميون اثرائتي ڪردار ادا ڪن ٿيون اهي پارڪ ۽ گرائونڊ ٺاهي ٻارن ۽ نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ڏانهن راغب ڪري رهيا آهن هن آفيسرن کي هدايت ڪئي تـ اوڀر ضلعي ۾ موجود گرائونڊن جي سروي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي تـ جيئن گرائونڊز جي بهتري لاءِ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري سگهجي