جروار ۽ڀرپاسي جي علائقن ۾ مهرگروپ طرفان فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳايا ويا ميرپورماٿيلو جي پرائيوٽ اسپتالن جي ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن فري ميڊيڪل ڪئمپن تيمريضن کي چڪاس ڪيو ۽ دوائون پڻ ڏنيون تفصيل موجب جروار ۽ڀرپاسي جي مختلف علائقن جنهن ڳوٺ حسين منگراھ ڳڙهي چاڪر ڳوٺ وڏيرو اصغر بوزدار سميت ٻن 8 ڳوٺن ۾ مهرگروپ اڳواڻ علي گوهرخان مهر ۽اڳوڻي ضلع چيئرمين حاجي خان مهر جي تعاون سان فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳايا ويا فري ميڊيڪل ڪئمپن تي مختلف بيمارين شگر ,دل جي بيماري بخار گيسٽرو خارش ٻن بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر جئي ڪشن ڊاڪٽر چندرڀان ڊاڪٽر ڀڳن داس ڊاڪٽر ستيوان داس ٻيا موجود هئا جتي هزارين غريب ماڻھن جو علاج ڪري دوائون فري ۾ ڏنيون ويون اتي موجود مهر گروپ اڳواڻ ۽اڳوڻو ضلع چيئرمين حاجي خان مهر چاڪرخان بوزدار وزيرخان بوزدار اصغر علي بوزدار ۽ٻن ميڊيا سان ڳالهائيندي انهن چيو ته تازين برساتن ۾ موتمار بيمارين منهن ڪڍيو آھي صحت کاتو ڪي به اپاء نه وٺڻ ڪري غريب بيمار ماڻھون سخت پريشان هئا تنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ پوري ضلع ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي رهيا آھيون ٽن هفتن کان مختلف يوسين ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳايون پيا جنهن علائقي جا بهترين ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڪئمپن تي موجود هجن ٿا هر بيماري جو علاج ڪن ٿا هن وقت تائين هزارين غريب بيمارين ماڻھن جو علاج ٿي چڪو آھي هن وقت جروار ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 8فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳل آھن خانڳڙه ۽ميرپورماٿيلو تعلقن کان پوء ٻن وڌيڪ تعلقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائينداسين ,