ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ملازمن جا جائز مسئلا حل نہ ٿيا، ملازم ٻيھر سراپا احتجاج بڻجي صفائي وارو عمل روڪي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي آفيس گيٽ آڏو علامتي بک ھڙتال شروع ڪري احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪري ڇڏيو اھي، پر انتظاميہ طرفان تحرڪ نہ وٺڻ ڪري شھر جي صفائي نہ ٿيڻ ڪري شھر بہ گندگي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي، ٻئي طرف پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪندڙ ميونسپل ڪميٽي جي ڪيترن ئي ملازمن ڳچي ۾ سڪل ماني ٻڌي ڪچي ۾ اجتماعي ڦاھي ڏيئي انوکو احتجاج ڪندي رٽائرڊ توڙي حاضر سروس ملازمن سيد عنايت حسين شاھ، رياض عباسي، مھراب برفت، حنيف لاسي، ممتاز صابرو، حنيف چنڊ، يارو منگسي ۽ بين چيو تہ ھڪ طرف ھن وڌندڙ مھنگائي باوجود سندن پگھارون وڏي ناھن سگھيون تہ ٻئي طرف 2018 کان وٺي رٽائرڊ ٿيل 48 ملازمن کي پينشن، رٽائرمينٽ توڙي گيجوئٽي ناھي ملي سگھي، جن جا خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجڀور بڻيل آھن، ھنن چيو تہ 8 ملازم فوت پڻ ٿي چڪا آھن، پر سندن ڪير بہ جائز مسئلا حل ڪرڻ لاء تيار ناھي، سيد عنايت شاھ ۽ ٻين چيو تہ 2 مھينا اڳ سندن ڪيل احتجاج دوران وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، بلدياتي صوبائي وزير، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر وٽن پھچي 10 ڏينھن اندر سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ھو، جنھن ڪيل واعدي کي 2 مھينا گذرڻ باوجود واعدو وفا ٿي ناھي سگھيو، جنھن ڪري مجبور ٿي ڪالھ کان سمورن ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال شروع ڪري علامتي بک ھڙتال تي ويھي رھيا آھن، جنھن ڪري صفائي وارو عمل بہ معطل ٿي ويو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ سندن جائز مسئلا حل ڪري سندن پگھارن ۾ اضافو ڪري رٽائرڊ ٿيل ملازمن توڙي فوت ٿي ويل ملازمن کي پنھنجون سموريون مراعتون ڏيئي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائصن سندن احتجاج جاري رھندو.