سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آفيسرس ۽ استادن جو رھتون ادا نه ٿيڻ ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري، زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ به گذريل اٺن ڏينهن کان احتجاج جاري، يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن خساري جو مک سبب آھي، ملوث ماڻھن خلاف عدالتي جاچ ڪرڻ جي گھر، يونيورسٽي کي واڌو بجيٽ ڏيڻ جو به مطالبو، تفصيل موجب سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ استادن ۽ آفيسرن جي احتجاج کي ھفتو مڪمل ٿي ويو آھي، استادن ۽ آفيسرن پاران وڌيل پگھار جاري ڪرڻ، رھتون ادا ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل تحت پروموشن ڏيڻ، ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي انڪوائري ڪرڻ وارن مطالبن تحت احتجاج جاري آهي، آئي ٽي فيڪلٽي اڳيان احتجاج کي رياست علي ڪٻر، غلام حيدر جويو، عبدالقادر چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، علامتي بک ھڙتال تي رٽائرڊ آفيسرن به شرڪت ڪئي ۽ سندس ڪميوٽيشن ۽ بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي، هوڏانهن يونيورسٽي جي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جا آفيسر به سراپا احتجاج آهن، جنهن ۾ نور احمد ساريو اطھر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، تقريرون ڪندي آفيسرن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ ٿيل خساري جي ذميوار ماڻھن خلاف انڪوائري ويھاري وڃي، يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جا دروازا بند ڪيا وڃن، جن سبب جي ڪري اداري کي خسارو پھتو، انھن لاءِ اڻڌري انڪوائري ڪرائي وڃي، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي کي خساري مان ٻاھر ڪڍڻ، فوتي ۽ رٽائرڊ استادن، آفيسرن ۽ امپلائيز جي ڪميوٽيشن، پينشن ۽ ٻيون بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ خاص گرانٽ جاري ڪئي وڃي