صالح پٽ ڀرسان آرڊي 186 ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ اسڪول, محمد الياس شنباڻي پبلڪ ايليمنٽري اسڪول ۾ عيد ميلاد النبي جي حوالي سان پروگرام ٿي گذريوـ جنھن جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي ـ استاد عبدالمجيد اسٽيج سيڪٽري جا فرائض سرانجام ڏناـ پروگرام ۾ استاد محمد مٺل,استاد لعل ورايو,استاد امتياز حسين,استاد برڪت علي,استاد رضوان علي,استاد فياض حسين,استاد ميرحسن سميت علائقي جي معزز شخصيتن ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ـ پروگرام ۾ ڪوئيز,نعتيـ مقابلا ۽ تقريري مقابلا پڻ ٿياـ پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن کي انعام به ڏنا وياـ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين الله تعالي جي حبيب جي شان ۾ خوبصورت نعتون ۽ قصيدا پڙھي محفل ۾ سحرطاري ڪري ڇڏي ـ اسڪول جي پرنسپال استاد عزيز علي شنباڻي خطاب ڪندي چيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاء واحد وسيلو آھي ـ دعاء خير کان پوء شرڪاء ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي ـ