اڳوڻو صوبائي وزير ڄام سيف الله خان ڌاريجو پنوعاقل پھچي پنھنجي اباڻي چونڊ تڪ پنوعاقل شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ملاقاتون ۽ تعزيتون ڪيون ۽ شھر ۾ ٺھيل ڌاريجا ھائوس ۾ پارٽي ڪارڪنن صحافين ۽ شھرين عبدالرزاق عرف وڪيل خان ڌاريجو غلام قادر شيخ اڳوڻو ٽائون چئيرمين شبير احمد شيخ رفيق انڍڙ صحافي نور محمد سومرو عبدالله چاچڙ عرفان ڪلھوڙو شفيق کوسو ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪرڻ بعد پ پ پ اڳواڻ لياقت خالدي جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏھن ته پيپلز پارٽي جي تعلقه جنرل سيڪريٽري مرحوم حافظ عزيز الله ڀٽو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ سندس قبر تي وڃي قل پڙھي دعا گھري ھوڏانھون پ پ پ اڳواڻ تازو سٽي جي چونڊيل ڪونسلر سليم غني ڪلوڙ جي رھائش گاھ تي ڏنل چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي اتي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڄام سيف الله خان ڌاريجو چيو ته عمران نيازي جي سياست جو سج لھي ويو آھي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا گونجندا ۽ سندس پارٽي اڳواڻ وڏي اڪثريت سان کٽي ايندا ڄام سيف الله خان ڌاريجو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي وڌيڪ منظم ٿي وئي آھي ھاڻي پارٽي چئيرمين جي ڪوششون سان نامزد ٿيندڙ سڀ اميدوار سوڀ ماڻيندا ھن سان گڏ اي سي غلام مرتضي گھانگھرو مختيار ڪار آغا انصاف پٺاڻ پ پ پ اڳواڻ اسد محمدي ميان نعيم خان ڌاريجو ماجد چنو خليل ڌاريجو طالب آرائين سميت ڪيترائي ڪارڪنن ھئا