سکر رپورٽ (ذوالفقار سولنگي) عيد ميلاد النبي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊي ايس پاڪستان ريلويز سکر محمد عرفان الحق جي نگراني ۾ 12 ربع الاول جي ڏينهن سکر ريلوي اسٽيشن تي هڪ پر وقار محفل ميلاد نبوي صلي الله عليه وسلم جو انعقاد ڪيو ويو، تقريب ۾ نالي وري نعت خوانن نعت شريف پڙهيون ۽ علماءِ ڪرام جن سيرت نبوي صلي الله عليه وسلم تي تقريرون پڻ ڪيون، تقريب ۾ ڊي ايس پاڪستان ريلويز سکر محمد عرفان الحق ڊپٽي ڊي ايس ريلويز سکر رضوان جاويد چيمه، ڊپٽي ڊي ايس ريلويز سکر رشيد امتياز صديقي، ڊي پي او ريلويز سکر شوقت حسين منگي، ڊي ٽي او ريلويز سکر حامد فاروق قريشي، ڊي سي او ريلويز سکر سعيد احمد ڀيو، ڊي ايس ٽي اي ريلويز سکر چوڌري احمد نعمان، ڊي اي اين ون ريلويز سکر خادم حسين ڀنڀرو، ڊي ايم اي تيمور فيصل، امتياز رشيد صديقي ، ڊي ايس پي ريلويز سکر سيد ذوالفقار حسين شاه ، او ايس الله ڏنو گوپانگ ، اي ايم اي ون عبدالعزيز ، ڊي ايم او ڊاڪٽر مقصود احمد ، ڊي اي اين ٽو ريلويز سکر ثنا الله خان سميت ريلوي ملازمن ۽ سندن ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اهم ڏينهن جي مناسبت سان سموري شهر سکر سميت ريلوي اسٽيشن کي سائي رنگ جي لائٽن سان سينگاريو ويو، خوبصورت روشنين هر طرف رونق جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. معصوم ٻارڙن هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي پنهنجي پيغمبر آقا ڪريم جي ولادت باسعادت جي خوشي جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهايو، ان موقعي تي ڊي ايس پاڪستان ريلويز سکر محمد عرفان الحق خطاب ڪندي چيو ته هن مهيني ۾ مٺڙو محمد ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيو هي سڄو مهينو اسان جي لاءِ خوشين جو مهينو آهي، جشن عيد ميلادالنبي ﷺ منهنجي طرفان تمام عالم انسانیت کي لک لک مبارڪون۔ پاڻ ﷺ انسانيت لاءِ رحمت العالمين بڻجي آيا۔ پاڻ ﷺ ھميشہ انسانيت، پيار، محبت ۽ ھمدردي جو سبق ڏنو، توھان ۽ اسان جو فرض آھي تـ نبي اڪرم ﷺ جي سنت مطابق اسان ڏکايل انسان ذات جي بنا فرق جي مدد ڪيون ۽ ان سان گڏوگڏ اسان کي گھرجي تـ ظالم ۽ جو ساٿ ڏيڻ بند ڪيون، آخر ۾ پاڪ فوج، ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ دين اسلام جي سلامتي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.