سڳيون ۾ متاثرين لاءِ آيل راشن سميت مڪمل امدادي سامان غريبن کي ملڻ بجاءِ سياسي ڀوتارن جي بنگلن ۾ بند پئجي ويو، سيلاب ۽ شديد برسات پوڻ سبب بي گهر ٿي بيحسيءَ واري زندگي گذاريندڙ ماروئڙن لاءِ آيل امدادي سامان بہ تپيدارن جي ملي ڀڳت سان سياسي ڀوتار ڳڙڪائڻ ۾ ڪامياب، تڪ جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي سيد پيار علي شاھ ۽ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ هن مصيبت جي گهڙي ۾ بہ عوام جي سار لهڻ مناسب نہ سمجهيو، متاثرين پاران سخت احتجاج جو چتاءُ.
رپورٽ موجب
سڳيون ۾ متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان تپيدارن ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت سان سياسي ڀوتار جي وري چڙهي ويو، جتي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان راشن، ٽينٽ، تڙپالون، مڇردانيون ۽ ٿانون سميت ٻيو قيمتي سامان سياسي ڀوتارن غريبن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي بنگلن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، سڳيون جي ڪچي سميت آسپاس جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو بيحسيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پر تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي سيد پيار علي شاھ جيلاني ۽ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني کي کين مٿان ڪو رحم نہ اچي سگهيو جن هن مصيبت جي گهڙي ۾ بہ عوام جي سار لهڻ مناسب نہ سمجهيو، ٻوڏ ۽ برسات سٽيل متاثرين جي واهر نہ ٿيڻ ڪري علائقي واسين سميت سماجي ۽ قومي اڳواڻن جو انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو تہ فورن نوٽيس وٺي متاثرين کي پنهنجو حق ڏياريو وڃي