سپريم ڪورٽ پاران مڪمل ٿيل ريفرنسز ۽ جاچ جا به تفصيل طلب پڻ ڪيا ويا آھن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته ايف اي ٽي ايف اسان جي قانون ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي، ڇا نيب ترميم ذريعي قانون ۾ ڄاڻي واڻي خاميون پيدا ڪيون ويون؟
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ مختلف مافياز موجود آهن، جيڪي پرشدد آهن، مان ڪنهن جو نالو نٿو کڻڻ چاهيان، نيب قانون ۾ تبديلي سبب جوابدارن کي فائدو ٿيو، پلي بارگين ۽ پنج ملين رپين جي حد مقرر ڪرڻ سان جوابدارن کي رليف مليو