مورو ويجھو ڳوٺ نورپور ۾ مرشد اسپتال ڪراچي جي طرفان ھڪ روزه فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ جنرل فزیشن جي ماھر ڊاڪٽر عادل آفتاب سومرو ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن پنھنجي ٽيم سان گڏ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا مختلف مرضن ۾ مبتلا سوين مريضن جو مفت علاج ۽ معائنو ڪيو ويو ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون جڏهن ته شگر، بلڊ پريشر ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جون مفت ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون ميڊيڪل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ آيل ٻوڏ متاثرن جو پڻ علاج ڪيو ويو ٻئي طرف نورپور جي معززين طرفان ڊاڪٽر عادل آفتاب سومرو سميت تمام اسٽاف کي سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جا تحفا پارايا ۽ مرشد اسپتال ڪراچي ۽ سندس مختلف ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٿورا مڃان