ميهڙ رپورٽ فياض الدين چانڊيو ميهڙ پاڪستان ايئر فورس جي تعاون سان مليل امدادي سامان سنڌ جي بهادر نياڻي مظلومن جي ترجمان ام رباب چانڊيو ڳوٺ ڊرٻ ڪوڙو چانڊيو پهچي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن ۾ ڪمبل، چلپلون مهارا، چادريون ٻارڙن توڙي مردن عورتن لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو ۽ حال احوال ورتا جتي ام رباب چانڊيو وٽ سرڪاري ڌر مقامي انتظاميا طرفان هن وقت تائين ڳوٺاڻن وٽ لڙي نه اچڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي انتظاميا پنهنجي مُنهن سان لڳي پئي آهي غريب روڊن، بندن تي کليل آسمان هيٺ بنا تنبن جي زندگي گهاري رهيا آهن جن وٽ کاڌ خوراڪ لاءِ راشن ناهي بيمار ماڻهن لاءِ دوائون نٿيون ڏنيون وڃن ڪير پُڇا ڪرڻ وارو ناهي ماڻهن جا گهر تباهه ٿي ويا آهن پنهنجي اوطاقن تي مهمان نوازي وارا ماڻهو راشن لاءِ پريشان آهن سفيد پوش لڄ سبب ڪنهن کان ڪجهه گهري نٿو سگهي انتظاميا غائب لڳي پئي آهي عوام ڦاڪا ڪاٽي رهيو آهي پاڪستان ايئر فورس جي مدد سان مليل سامان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقسيم ڪيو آهي اڃان ضرورت آهي جتي ڪو به حڪومتي نمائندو يا انتظاميا ناهي پهتي هن ڏکي گهڙي ۾ ماڻهن کي مدد جي سخت ضرورت آهي حڪومت کي ڪجهه هوش اچڻ گهرجي عوام جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن!