سنڌ جي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصفر سيال چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 2023ع جي عام چونڊن لاءِ ووٽر لسٽن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ چونڊ لسٽون 7 آڪٽوبر تي شايع ڪيو ويون آھن، جڏهن ته لسٽون ضلعي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيسن ۾ تصديق لاءِ موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريجنل اليڪشن ڪمشنر ٺٽي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون. ان موقعي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمان آرائين ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٺٽو عذرا مهيسر پڻ موجود هئا. جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ووٽرن جي سهولت لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ 10، سجاول ضلعي ۾ 9 ۽ بدين ضلعي جي 19 اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسن ۾ فارم جمع ڪرائڻ جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، ان کان علاوہ ٽنھي ضلعن جي ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيسن ۾ پڻ ون ونڊو آپريشن قائم ڪيا ويا آهن، جتي قابل ۽ باصلاحيت آفيسر ۽ اسٽاف رهنمائي لاءِ موجود آهن ته جيئن ماڻهو آساني سان پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن، منتقلي ۽ تصديقي فارم جمع ڪرائي سگهن. هن چيو ته ووٽ جي رجسٽريشن، منتقلي يا تصديق شناختي ڪارڊ جي موجوده يا مستقل پتي جي بنياد تي ٿيندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو هن جهموري عمل ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري ووٽ جي درستگي ۽ داخلا کي يقيني بڻائين ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو قيمتي حق استعمال ڪري سگهن. جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصفر سيال سمورن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جيڪي مين اسٽيڪ هولڊر آهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو چونڊ لسٽن جو معائنو ڪري لاڳاپيل فارم وصول ڪري انهن تي عمل ڪن. هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏن سبب روڊن، اسڪولن ۽ ٻي انفراسٽرڪچر کي نقصان پھچڻ سان گڏ ماڻھون بي گهر ٿيڻ سبب ڊپٽي ڪمشنرن جي سفارش جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي چونڊ عمل کي متاثرين جي بحالي تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ خط اماڻيو ويو آهي.