خبرموجب ٺٽي ضلعي جي جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات کان پوءِ مال ۾ وچرندڙ بيمارين سبب ڪيترا ڍور مري ويا،ٺٽي ۾ جانورن وري پالنا واري کاتي ۾ ھيل تائين دوائون جي مد آيل ڪروڙون روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي ڪرپشن سبب ڪيترائي ڍوڙ بيماري وگھي تڙپي مرڻ لڳا چڪاآھن،جڏھن ھن وقت بہ ڪوھستاني علائقن ۽ ساحلي علائيقن ۾ تازي پوندڙ برساتن کان پوءِ ڪيترائي جانور جنھن ۾ مينھن ڳئون ٻڪريون ۽ ٻيا جانور لائيو اسٽاڪ جي نااھلي ۽ ڪرپشن سبب مري چڪا آھن جڏھن تہ لائيواسٽاڪ کاتي پاران اڃا تائين ڪابہ ٽيم جوڙي علاج لاءِ ناھي پھچي سگھي ساحلي ۽ ڪوھستاني پٽين ۾ مال مويشي مرڻ لڳا،جنھن جوذميوارا ادارو جانورن جي پالنا وارو کاتو نااھلي جومظاھرو ڪرڻ لڳا،ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي ڀاڳين چيو آھي تہ جڏھن بہ اسان جا ڍوڙ بيمار ٿيندا آھن تہ اسان ٺٽي مان اچي سرڪاري اسپتال لائيو اسٽاڪ مان ڊاڪٽر وٺي ويندا آھيون جيڪي اسان جي ڍورن تي جيڪو اعلاج ڪندا آھن اھي بہ سرڪار پاران مالوند ماڻھن لاءِ ملندڙ دوائون بہ اسان کي پئسا وٺي پوءِ ڏيندا آھن ۽ علاج لاءِابہ ڳريو فيسون پڻ وٺندا آھن،مالوند ماڻھن جو حڪومت وقت ڊپٽي ڪميشنر ٺٽو،اينٽي ڪرپشن ٺٽو،۽ ٻين واس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ ٺٽي ۾ ٿيندڙ ھيڏي ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي چانچ ڪئي وڃي