حيدرآباد : رپورٽ :محبوب حسين بوزدار قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ سندس رھائش گاھ تي قومي عوامي تحريڪ جي ھيڊڪواٽر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻوڏ متاثرن جي واھر نہ ٿيڻ خلاف سڀاڻي 6 آڪٽوبر تي سنڌ جي سمورن ڊي سيز آفيس اڳيان احتجاج ۽ 16 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اھم فيصلا ڪيا ويا اجلاس کي ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي پندرهن سالن کان ھلندڙ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. منڇر، حمل، سم نالن ۽ واھن کي ھٿرادو گھارا ھڻي لکين خاندان دربدر ڪري ڇڏيا آھن. خوشحال ۽ مھمان نواز قوم جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو رستن بي يارو مددگار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ رليف ڪئمپن ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين ڊائريا، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا بڻجي ويا سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، سنڌ م حڪومت نالي ڪابہ شئي نظر نٿي اچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ماضي جي حڪومتن جون پاليسيون بند ڪري۔ سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ ھر حڪومت ناانصافي ڪئي آھي۔ 2 ڌاڙيل واھ ٺاھي سنڌو درياھ جو پاڻي زبردستي، عالمي ۽ ملڪي قانوني جي ڀڃڪڙي ڪري غير قانوني ۽ غير آئيني نموني کنيو وڃي ٿو۔ چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن۔ اھي ٺاھڻ مھل چيو ويو تہ صرف ٻوڏ جي وقت ۾ سنڌ جي اجازت سان وھايا ويندا پر اڄ بنا اجازت جي زبردستي ڪئنال ھلائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ الطاف خاصخيلي خادم سمون ساٿي مصطفا نظاماڻي پروفيسر مجدد قريشي آزاد ميرواھي عزيز نظاماڻي رفيق ڪنراڻي معشوق چانڊيو غلام نبي سومرو رفيق احمداڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪئي.