ڪالم
کُلي ڪچهري
کڦو (Anxinty)
کڦو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي جيڪو ٿر جي پاسي وڌيڪ استعمال ٿيندڙ آھي، جنھن کي انگريزي زبان ۾ کڦو Anxinty، ٽينشن ڊپريشن چيو وڃي ٿو، 1917ع ۾ سگمند فرائيڊ تحيق ڪئي ته ڊپريشن جا به قسم ٿين ٿا، Endogenous، جو نالو ڏنو ويو، جيڪو دماغ جي اندر ڪيمائي تبديليون Exogenou آڻي ٿو، ٽينشن ڊپريشن ۽ حڪمت ۾ ماليا جو مرض چيو وڃي ٿو، کڦو ٽينشن، گھڻن قسمن سان انسان کي پنهنجي لگزري آرامدہ ٻانھن (ڀاڪرن) ۾ جڪڙي، مجبور ڪري ناشتو ٺاھڻ بعد مانجھاندو، ورانڊڙي (ٿري لفظ، شام واري ريفريش مينٽ) ڏينھن جي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ بعد، رات واري فٽ پاٿن، ڪلبن، شغل سير سپاٽن، چڪرن مقرن، پاڙي گلين، گھٽين ۽ چوراهن تي ذليل ڪرڻ بعد اڌ رات جو ويڳاڻپ ۾ ڇڏي فرار ٿيڻ کان انڪار ڪري وري به ذھن ۽ دماغ سان راند کيڏڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو.
ھاڻي کڦو ڪھڙي علامت آهي؟ اصل ۾ جڏھن انسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ فالتو پاسن جي طرف ڌڪجي وڃي، خواھشاتن جا وڏا انبار، سوچن جون ڇوليون اڻ کٽ منڇر جي گدلي پاڻي وانگر، گڏ ڪري ان کي ذخيرو ٺاھي ڇڏي ٿو، پوءِ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪندي الٽين جي شڪل ۾ واپسي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ زندگيءَ کي ساڙي سوڙھو ڪري مفلوج بڻائي، وري ٻين کي به ان عمل ۾ گڏ ڪرڻ جي خدمت سر انجام ڏيڻ لڳي ٿو.
کڦو، اصل ۾ ان غير فطري عمل جو ھڪ حصو آھي جيڪو فطرت سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڏوھ ۾ قيد بند جي پامال اسڪينڊل طور نڪرڻ لاءِ لانبارا ھڻڻ شروع ڪري ٿو، وچ سير ۾ ڪڏھن نڪرڻ ۽ ڦاسڻ جي گمانن ۾ غرقان ٿيو وڃي، دنيا جي ذرائع معاشي پاليسين جي ونڊ ورڇ، بي مھل تاج محل اڏڻ بنا ڪاريگرن ۽ گھربل سامان جي، تصوراتي افسانوي خيالن جي گھڻائي جي ڪري، خوبصورتي جي فل فريب آرٽيفيشل ادائن ۽ چمڪ ڌمڪ، نخرن ۽ ادائن کان مغلوب ٿيڻ جي يادائش ۾ ان کي قريب ٿيڻ جي حوص ۽ حسرت ۾ گم ٿيڻ جي ڪري.
ٻي طرف ڪرسي جي چڪرن ۾ اھا عام آفيس جي ھجي يا ٽيچري پرائيويٽ يا سرڪاري، جيتوڻيڪ گھر ۽ پاڙي شھر جي ڇو نه ھجي، اتان کان ٿيندو وڃي اقتداري مزن جي خوشبوءِ جي تلاش ۾ چنبڙي پوڻ جي ڪري، جڏھن خدانخواسته انھيءَ منزل مراد تائين پھچي به وڃي ته وري ان تي ھميشه لاءِ قابض ٿيڻ جي جستجو کي شرارتن عداوتن رفاقتن نفرتن جي پلي ۾ کڻيو پيو گھمي، جيڪڏھن اتان ناڪامي جي صورت ۾ واپسي ٿئي ٿي ته وري پراڻيون دوستيون ياريون محبتون ياد اچيو وڃن، خاص ڪري اھي وفاداريون به جن دوستن مٽن مائٽن ڏکئي وقت ۾ ھن کي ان تائين پھچڻ ۾ مدد ڪئي، ھاڻي وري ناڪامي جي صورت ۾ انھن وڃايل لمحن کي ھٿ ڪرڻ جي لاءِ کڦو ڪرڻو پوي ٿو.
اڄ جڏھن خالو واري ھوٽل تي چاچي چنبر جي چوڻ تي ڇُوٽو سوشل ميڊيا تي ڪنھن محفل ۾ ڪيل ڪنھن مقرر جي تقرير پڙھي ٻڌائي ته، تولو مولو سميت سڀني تسليم ڪيو ته ڳالهه دل سان لڳي آھي ۽ خالو جي مڇين تي ڪيل نئي ڪلر ڪيس مان اکين مان نڪتل لڙڪ لڙي نڪتا پئي ۽ چاچي چنبر جو منهن سڄو روئڻاڪو ٿي ويو وڌيڪ ماٺاڻ ڇانئجي ويئي.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري