استادن جو عالمي ڏھاڙو .
استادن جون ترقيون ، ميرٽ تي ڀرتيون ۽ سنڌي سماج جون اميدون .
مشتاق علي لنڊ ۔
راه جا رھبر ! تنھنجو اعلي مقام
آھي واجب تنھنجو ” بيوس “ احترام
تو مٿان شل رحمتون وسنديون رھن
قوم جا استاد !! تو تي سو سلام ۔ !
دنيا ۾ ڪجھ وقت کان رشتن ۽ مختلف شعبن جا ڏھاڙا ملھائڻ جو سلسلو شروع ٿي ھڪ روايت بڻجي چڪو آھي ، ته جيئن انھن رشتن يا شعبن جي عظمت ۽ اھميت کي اجاگر ڪجي ، مان ، مرتبو ۽ مڃتا ڏيئي سگھجي .
استادن جي عالمي ڏھاڙي ملھائڻ جي شروعات يونيسڪو پاران 05 آڪٽوبر 1994 کان ڪئي وئي ، جيئن سماج ۾ استاد جي ڪري آيل تعميري ترقي ، بھتر سوچن ، خيالن ، نظرين ، لاڙن ۽ مستقل جي معمارن کي سماجي قدرن ۽ قابليت موجب ذميوار شھري بنائڻ لاء بنياد مھيا ڪرڻ تي کيس ساڻ محبتن ۽ عزتن سان خراج عقيدت پيش ڪري سگھجي .
وڏو آ جڳ ۾ شان استاد جو
رکو مرتبو مان استاد جو
جھالت جي بس پاڙ پٽجي وڃي
اھو آھي ارمان استاد جو .
اسلام ھڪ ڪائناتي دين آھي . اسلام 1400 سؤ سال اڳ ۾ انھن سڀني رشتن توڙي شعبن جي اھميت ، عزت ، وقار ۽ تقدس کي بيان ڪيو آھي ، جنھن جا ” ڏھاڙا “ ملھائڻ دنيا ھاڻي شروع ڪيا آھن .
اسان جي پياري نبي ڪريم صه جن فرمايو ته،
” مون کي استاد بڻائي موڪليو ويو آھي “ . ان مان استاد جي پيشي جي عظمت ، عزت ۽ اھميت واضح ٿي چڪي آھي ته ، استادي پيشو ” نبين “ جو پيشو آھي .
جڏھن نور تان پردو کڄيو ، نروار استاد ٿيو
عظمتن جي عظمتن جوسھڻو سردار استاد ٿيو
استادن سان ئي ته دنيا جا اجالا قائم آھن
جنت جي باغن جو پھريون حقدار استاد ٿيو ۔
استادي پيشو مقدس پيشو آھي . ان مقدس پيشي جي تقدس کي بحال رکڻ ، سڀني استادن لاء بيحد لازمي آھي . استادن جي مثالي شخصيت ، ڪم ، ڪردار ، رويه ، لھجا ، آواز و انداز ۽ درس و تدريس به اثرائتا ، مؤثر ، نمايان ، عزت ڀريا ، شفقت ڀريا مطلب روحاني والدين جھڙا ، دل کي وڻندڙ ، ڀائيندڙ ۽ ڇھندڙ ھجڻ گھرجن . سڀني استادن کي ، پنھنجو پاڻ کي ، ان پيماني ۾ ماپڻ ، پرکڻ ۽ جاچڻ به ضرور گھرجي ۔
استاد بخاري جيئن علم ۽ قلم جي پيار ۽ تعلق کي بيان ڪيو آھي .
لکڻ زندگي ، زندگي ڪيئن ڇڏجي
لکڻ بندگي ، بندگي ڪيئن ڇڏجي
ڏکئي کان ڏکيو عشق آ اکرن جو
رکي دوستي ، دوستي ڪيئن ڇڏجي .
اھا مڃيل حقيقت آھي ته استاد معاشري جو سنواريندڙ ۽ سينگاريندڙ آھي . استاد ئي ھميشه شعور ، جاڳرتا ۽ سجاڳيء جو سماجي ھيرو ۽ رھنما رھيو آھي . جيون جي ڪامياب جياپي جي جستجو ۾ اھي ٻار ، فرد ، خاندان ، سماج ۽ ملڪ ترقيون ، ڪاميابيون ، منزل ، مقصد ۽ منصب جا معراج ماڻيندا آھن جيڪي پنھنجن معزز استادن جو دل سان ادب ۽ احترام ڪندا آھن .
اڄ 05 آڪٽوبر تي ان حوالي سان تعليمي ادارن ۽ عالمي توڙي علائقائي ادارن سميت مختلف تنظيمون معزز استادن جي مان ، شان ۽ اعزاز ۾ تقريبون منعقد ڪن ٿيون . محنتي ، فرض شناس ۽ جفاڪش معزز استاد صاحبان جي خدمتن کي ساراھيو ويندو آھي ساڻس عقيدت ۽محبت جو اظھار ڪيو ويندو آھي .
لکڻ جو قسم لوه توڙي قلم جا
نگھبان اوھين خاص استاد آھيو
قطعو منھنجو حق جي وڪالت ڇا ڪري ؟
اوھين خود مضبوط فرياد آھيو .
استاد ھميشه ٻارن جي ڪچي من جي بھتر تعليم و تربيت ۾ مشغول رھيو آھي .معزز استاد معاشري جي تعمير لاء نمايان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي . ھن خوبصورت ۽ وسيع و عريض دنيا ۾ زنده رھڻ جو شرف ته پيء ماء بخشيو آھي ، پر معزز استاد صاحبان اھي عظيم ھستيون آھن ، جنھن علم ۽ شعور ڏيئي جھان ۾ عزت سان جيئڻ سيکاريو آھي.
معزز استاد اونداھي مان ڪڍي ، روشنين ۾ آڻي ٿو . معزز استاد علم ۽ شعور ڏيئي ڪامياب زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاريندو آھي . بھتر تعليم و تربيت ڪري ، علم و فضيلت سيکاري معاشري ۾ اعلي مقام تي پھچائيندو آھي . معزز استاد پنھنجي علم ، ڏاھپ ، فڪري گھرائي جي سجاڳي جي مدد سان قومن جا تقدير بلند ڪرڻ لاءخاص ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ۽ دنيا ۾ تيزي سان تعميري ترقي ترقي جون منزلون طئي ڪري رھيو آھي . معزز استاد قوم کي احساس ڪمتريء مان ٻاھر ڪڍڻ ۽ ان ۾ قومي اخلاقي جرئت پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي.
استاد اھڙو ڪارخانو آھي جنھن مان ھر شعبي ، کاتي يعني پروفيشن جو خام مال پچي راس ٿئي ٿو .
ٻرياسون ته پل ۔ پر اجھامڻ کان اڳ
ھزارين چراغن کي ٻاري ڇڏيو سين ۔
Teaching is the profession that teaches other professions .
معزز استاد صاحبان علم ۽ ڏات جو ڏيئو جلائي سماج کي ساڃاھ وند پيڙھي ڏيئي رھيا آھن . استاد نئين نسل کي پڙھائي پختو ڪري ،بھتر تعليم و تربيت ڪري سٺا ھنرمند ، ڊاڪٽر ، انجنيئر ، اقتصادي ماھر ، ذھين پروفيسر ، نامور سياستدان ، سٺا سائنسدان ۽ دانشور بڻائي کين پنھنجي معاشري جي تحفظ ، تعمير و ترقيء جي صلاحيتن سان پر امن سماج اڏي رھيو آھي .
استاد بخاري قوم سان مخاطب ٿيندي ، کيس استاد جي عظمت کي ھنن خوبصورت سٽن ۾ سمجھايو آھي .
ھنن جون چماٽون اڃا ياد آھن
اکيون کول او قوم استاد آھن
ھنن جي حقن جو حساب ئي نه آھي
سڄي قوم سرھي ، جي ھي شاد آھن
شيخ سعدي رحه استاد بابت فرمائي ٿو ته ،
”استاد اھا عظيم ھستي آھي
جيڪا ، ٻار کي علم سيکاري ، کيس دنيا جو ھڪ عظيم ترين انسان بڻائي ٿو ، اھو انسان ھن دنيا جو چمڪندڙ چراغ ٿي پوي ٿو “ .
ماضي قريب جا ورق اٿلائجن ٿا ته استادن کي سابق سيڪريٽري پيچوھي صاحب پيڙھيو آھي . مئنيجمينٽ ڪييڊر جھڙيون من پسند پاليسيون ڏيئي استاد دشمن پاليسين سان استادن جي ترقين جي رستا روڪ ڪئي ويئي . گوسڙو استادن کي پڪڙڻ خاطر بايو ميٽرڪ جي آڙ ۾ اربين ڊالر اڏايا ويا . استادن جي نگراني لاء روينيو کاتي مان ٻيڻ پگھارن تي آفيسر مقرر ڪيا ويا ۽ نگراني لاء ٻيون مقرريون به ٿيل آھن . استادن تي عدم اعتماد جي صورت حال ۾ به ، استادن پنھنجي حصي جو ڪم ايتري ته خاموشيء سان ڪيو آھي جو سندن ميون ڀريا نتيجا اڄوڪي نسل جي آبياري ڪري رھيا آھن .
سنڌ حڪومت تعليمي صورتحال ۽ درد کي سمجھندي سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آھي پر صورتحال ڪرونا ۽ موجوده برساتن جي ڪري جيئن پوء تيئن خراب ۽ بيحد ڏکوئيندڙ رھيو آھي .
موجوده سيڪريٽري تعليم سائين اڪبر لغاري صاحب جي ايام ڪاري ۾ استادن جون ترقيون به تمام گھڻيون ٿيون آھن . سائين اڪبر لغاري صاحب جي انھن عملي قدمن سان سنڌ جي استادن ۾ سرھائي آھي .
ترقيون ماڻيندڙ استاد ،
پي ۔ايس ۔ ٽي مان
ايڇ ۔ايس ۔ ٽي ،
جي ۔ ايس ۔ ٽي مان
ايڇ ۔ ايس ۔ٽي
۽ ايڇ ۔ ايس ۔ ٽي مان
ھيڊ ماستر ، بي ۔ پي ايس 17 ، سترھن مان ارڙھن ، ارڙھن مان اوڻيھ ۽ اوڻيھ مان 20 گريڊ ۾ بطور چيف ھيڊ ماستر ٿي ترقيون ماڻي چڪا آھن ، جيڪو سلسلو جاري آھي ۽ تيزي سان جاري رھڻ به گھرجي .
سنڌ حڪومت ، آء ۔ بي ۔ اي ذريعي استادن جي مقرري لاء ٽيسٽ وٺي ميرٽ تي
پي ۔ ايس۔ ٽي ۔ ۽
جي ۔ اي ۔ ايس ۔ ٽي مقرر ڪري رھي آھي .
استادن جي ھن عالمي ڏھاڙي تي ترقيون ماڻيندڙ سڀني استادن ۽ ميرٽ تي مقرر ٿيل سڀني استادن کي محبتن ۽ ادب سان واڌايون ۽ اڻڳڻيون مبارڪون ۽ دعائون ته تعليمي ترقي لاء پنھنجون سڀ صلاحيتون ارپي ۽ سڀ وسيلا ڪتب آڻي ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪري سوڀارا ۽ سرخرو ٿيندا .
معياري تعليم کانسواء ترقي ناممڪن آھي . تعليم سونھن ۽ سڀيتا آھي . تعليم جو خاتمو ، ماڻھو جو انت آھي . تعليم ئي جياپو آھي ، اسان سڀني ڌرين کي پنھنجي جياپي ۽ بقا جي جنگ جوٽڻي پوندي نه ته اسين دنيا کان ڪيتريون ئي صديون پوئتي ھليا وينداسين . ان لاء استادن تي اعتماد ضروري آھي .
استادن جو ڪم استادن کي ڪرڻ ڏنو وڃي . استاد ھر قومي ڪم ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي .
نوان ڀرتي ٿيل استاد قابل آھن پر پڙھائڻ جون مھارتون سيکارڻ جي ضرورت ، ضرور محسوس ٿي رھي آھي . پڙھائڻ ھڪ آرٽ آھي .اھڙي آرٽ سان ، استاد جو تخليقي ۽ ذھني طور
” سرگرمين جي بنياد تي سيکارڻ “
لاء ذھني طور آسوده ھجڻ تمام ضروري آھي . اھڙين سرگرمين جي نتيجي ۾ تعليمي ادارا ٻارن لاء پرڪشش ۽ لاڀائتا ٿي سگھندا . ھڪ شفيق ۽ سٺي استاد جو ڪم ئي اھو آھي ، جو شاگردن جي ذھني آبياري ڪري ، علمي عملي ۽ فڪري پرک ڪري ، سندن ڪئريئر ڪائونسلنگ سان رھنمائي ڪري ، سندن پروفيشنل چونڊ توڙي ٻين فيصلن لاء ”چونڊ “ اڳيان رکي . نون استادن جي ميرٽ موجب مقررين کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو ته تعليم جي شعبي ۾ نوان خيال ، نوان لاڙا ، تحقيق ۽ نوان رجحان سامھون آيا آھن . ھاڻي سنڌي سماج جون اميدون آھن ته ، نوان استاد ، سائنس ، رياضي ، انگلش ۽ ٻين اھم مضمونن ۾ شاگردن جي صلاحيتن ۽ قابليتن ۾ يقيني طور واڌارو آڻيندا . ماضي جي ڪمين ۽ ڪوتاھين جو ازالو ڪندا. ادارن کي ٺاھيندا ۽ آباد ڪندا ۔
ترقيون ماڻيندڙ ،استاد توڙي عملدار تعليمي صورتحال کان بخوبي (چڱيء طرح) واقف آھن . قوي اميد آھي ته سازگار تعليمي ۽ تخليقي ماحول جوڙي تعليمي ادارن کي آباد ڪندا .
حڪومت کي به سنجيدگيء ۽ نيڪ نيئتي سان تعليمي ترقي تي تحقيق جي بنياد تي قدم کڻڻ گھرجن . اسڪول ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي بجاء ، وڌندڙ آبادي ۽ ضرورتن جي پٽاندڙ وڌيڪ کولڻ جي اشد ضرورت آھي . وقت سان ضرورتون وڌنديون آھن ۽ وڌيڪ اسڪول ۽ ادارا کولڻ ضرورتون بڻجي پونديون آھن .
سنڌ جي عظيم شاعر جون ھي خوبصورت سٽون اکيون کولڻ لاء ڪافي آھن ، جن ۾ ٻارن کي آٿت ۽ دلجاء ڏيندي چوي ٿو .
جيڪي تو کي جاھل رکندا
ڪنڌ پوء اھي ڪھڙو کڻندا
ڳوٺ ڳوٺ اسڪول به ٺھندا
علم ته آھي تنھنجي دولت
تنھنجي دولت ، قوم جي دولت
اسان وٽ مضمون انگريزي پرائمري کان لاڳو ته آھي ، پر اڪثر سنگل استاد ھجڻ ڪري، يا انگريزي جو استاد نه ھجڻ ڪري اڪثر پڙھايو نه ٿو وڃي . ٻار جڏھن مڊل ڪلاس ۾ پھچي ٿو ته اتي کيس انگريزي جو ڇھون ڪتاب پڙھڻو ٿو پوي ، جيڪو ٻار جي ليول کان مٿي ھجي ٿو ، ڇو ته ھو پنجن سالن جا پنج ڪتاب پڙھيو ئي نه آھي . اھڙي طرح سان نصاب ۽ ٻيا اسم به کوڙ آھن جن کي ان شعبي جي رھنما ، يعني استادن جي مشوري سان درست ڪري وڌيڪ آسان ، موثر ۽ لاڀائتو بڻائي سگھجي ٿو .
ھن وقت پائيٽ کي استادن لاء خاص تربيتن جو تيزي سان انتظام ۽ انعقاد ڪرڻ گھرجي ، جيئن استادن جي مستقل پيشوراڻي ترقي ، پلاننگ ۽ حڪمت عملي ، ڪميونيڪيشن جي فھم سميت جديد ٽيڪنالاجيء جو موثر استعمال ، ھدايت ڪاري جون مھارتون ، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي ڄاڻ ۽ ان کي ٻارن ڏانھن منتقل ڪرڻ جون مھارتون وغيره جنھن سان سيکارڻ ۽ سکڻ جو عمل آسان ۽ پائيدار ٿئي .
وکر سو وھاء ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولات ۾ ، ذرو نه تئي ضاع
سا ڪا ھڙ ھلاء ، اڳه جنھن جي ابھين .
ان سڄي صورتحال ۾ استاد جو ڪردار عزت ، ادب سان انتھائي خاص اھميت جوڳو آھي ، استاد جي عظمت ، شفقت ، محنت ، پسنديده شخصيت ، سندس اعلي ۽ منفرد ڪردار ، جفاڪشي ۽ فرض شناسيء سان لاڳاپيل آھي . سڀني شفيق ، فرض شناس ۽ پاڻ ارپڻ وارن معزز استادن کي ساڻ ادب جي ، استاد بخاري جي خوبصورت سٽن سان ، سندن ئي عالمي ڏھاڙي تي ،
سلام استاد ۔ سلام استاد ۔
جھل جي اونداه کي تيلي ھڻو
علم جون ۽ ڄاڻ جون ڄاٽيون کڻو
سڀ اوھين استاد آھيو سوجھرو
زندگيء تي ناھي ڪو ئي ڀروسو ، سنڌ کي ٺاھي وٺو ، ٺاھي وٺو .
قوم جي روحاني والدين کي گذارش ته :
اچو ته استاد بخاري جي سڏ کي ، استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ورنايون ۽ وچن ڪريون ته ،
” سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ترقي ۽ شعوري راه ھموار ڪريون ۽ علم جي شمع کي روشن ڪرڻ ۾ پنھنجو قومي فرض ادا ڪريون “