خيرپور جي صحافي نصرالله ساگر کيڙو جي گهر تي سکر ۽ خيرپور پوليس جي چڙهائي
ڊي ايس پي سٽي خيرپور عبدالله لاکير
بدنام زمانه ايس ايڇ او ايئر پورٽ سکر احمد علي شر ۽ ناصور خيرپور ايس ايڇ او شاه لطيف خيرپور هاشم هڪڙو پرائيويٽ ماڻهون ساڻ ڪري صحافي جي گهر تي حملو ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو
پوليس گهر مان هڪ ڪلٽس ڪار ٻه تولا سون ۽ اسي هزار رپيا روڪ ۽ گهر جو سامان کڻي وئي آهي صحافي نصرالله ساگر کيڙو
تفصيل موجب رات ڏهين بجي سکر ۽ خيرپور پوليس ناجائزي ڪندي حق سچ لکندڙ نوجوان صحافي نصرالله ساگر کيڙو جي رهائش ممتاز ڪالوني خيرپور تي بلاجواز ڊي ايس پي سٽي عبدالله لاکير ايس ايڇ او ايئر پورٽ سکر ۽ ايس ايڇ او شاه لطيف خيرپور پرائيويٽ ماڻهون ساڻ ڪري چڙهائي ڪندي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو گهر ۾ بيٺل هڪ ڪلٽس ڪار نمبر بي ڪي ايڇ 809 ٻه تولا سون۽ اسي هزار رپيا روڪ فر ڪري صحافي نصرالله کي کڻي ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو ڳري رشوت وٺڻ کان پوء صحافي آزاد پر ڪار ۽ سامان جي لاء پوليس 5 لک رپيا رشوت گهري رهي آهي
صحافي اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته مان وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس سنڌ آء جي سنڌ ڊي آجي سکر ۽ اسي ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فر ٿيل سامان ۽ ڪار پوليس کان واپس ڪرائي وڃين نه ته پريس ڪلب خيرپور اڳيان پاڻ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيندس
خيرپور جي صحافي نصرالله ساگر کيڙو جي گهر تي سکر ۽ خيرپور پوليس جي چڙهائي ڊي ايس پي سٽي خيرپور عبدالله لاکير

خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1
Leave a comment