(وارھ رپورٽ فياض الدين چانڊيو) وارھ ٻوڏ متاثرن ۾ پکڙجندڙ بيمارين جي علاج لاءِ امدادي ٽيمون لهي پيون بيمار ٻوڏ متاثر ماڻهن جو علاج ڪرڻ انهن کي مفت دوائون ڏنيون ويون تفصيل موجب وارھہ تعلقي م تازو آيل ٻوڏ بعد مختلف بيمارين مُنهن ڪڍيو آهي ڪيترائي ماڻهو مختلف بيمارين سبب زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن جنهن بعد تعلقي اندر صحت ايمرجنسي قائم ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پي پي ايڇ آء مئنيجر ڊاڪٽر سيد احمد شاه جي حڪم تي مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ڳوٺ محمد زمان چانڊيو ڳوٺ شاهنواز چانڊيو علي اڪبر چانڊيو ۽ ڳوٺ مظھر الدين مارفاڻي چانڊيو ۾ مختلف بيمارين ۾ ورتل مريضن کي ڊاڪٽرن پاران چڪاس ڪري علاج ڪرڻ سان گڏ سندن کي مرض مطابق دوائون ڏنيون ويون جتي پي پي ايڇ آء قمبر شهدادڪوٽ جي ميڊيڪل ڪيمپ لاءِ ٽيم ۾ ڊاڪٽر محمد خان گوپانگ ڊاڪٽر سعيد مارفاڻي جن ٻوڏ متاثرن جو علاج ڪري ڊيوٽي سر انجام ڏني ياد رهي ته وارھ تعلقي ۾ ٻوڏ جي گندي پاڻي سبب ملريا خارش سميت مختلف بيمارين ۾ ماڻهو مبتلا ٿي ويا آهن جن مان ڪجهه ماڻهو بيماري سبب زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن!