سکر ( رپورٽ شاھد لاشاري ) تعلقه نيو سکر جي ڳوٺ گھرام خان لاشاري، ڳوٺ ڊريها، ورايو ڳوٺ ۽ ڳوٺ اسمائيل شيخ، ۾ لاڳيتو برساتن سبب سوين گھر ڪري پيا رھواسي کليل آسمان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جن جي واهر هيل تائي ناهي ٿي سگھي، ان سلسلي ۾ برسات متاثرن جو چوڻ ھو ته ٻه مھينا گذرڻ باوجود ھن مھل تائين اسان وٽ اسان جي تڪ جو ڪو ايم پي اي اسان جي واهر ڪرڻ نه آيو آهي، ۽ جيڪي وزيراعظم طرفان فلڊ رليف تحت پنجويھ ھزار روپيه رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھيو اھا رقم به اسان کي ڪو نه ملي آھي ۽ ڪجھ عرصو اڳ اسان کي سرسو جي طرف کان ڪجھ رقم قرض طور ڏني وئي ھئي ھاڻي اھو قرض واپس ڪرڻ تي پڻ زور رکيو پيو وڃي وڌيڪ متاثرن مطالبو ڪيو ته خداره اسان کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ اسان جي مالي مدد ڪري اسان جو سرسو وارو قرض معاف ڪري اسان ۾ پکڙيل مايوسي کي خطم ڪيو وڃي.