انساني تاريخ گواه آھي ته ، انسانيت سان پيار ڪرڻ ۽ پنھنجي پيشي سان سچو ۽ مخلص رھڻ ، ھمت وارن ۽ اڏول مانجھي مردن جو ڪم آھي ، جنھن جي دل ۽ دماغ ۾ خواھشون نه پر” مقصد“ ھوندا آھن ۽ عظيم مقصدن جي حاصلات ڪنڊن ڀريو رستو ئى کين دلير ۽ جانثار بڻائي ٿو . جيڪي ماڻھو عظيم ”مقصدن“ لاء جدوجھد ۽ جستجو ڪندا آھن اھي دلين ۾ ذھنن ۾ ۽ تاريخ ۾ ھميشه زنده ۽ جاويد رھن ٿا . جھڙيء ريت ٻج زمين ۾ داخل ٿي ، اھڙن رنگ برنگي ، ٻوٽن ، وڻن ۽ باغن کي اپائي ٿو جنھن مان گل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا ، جيڪي ڪائنات کي سونھن ۽ غذائي لذت بخشن ٿا ، اھڙي طرح الله تعالي ڪجھ عظيم شخصيتن کي پيدا ڪري ، دنيا جي سونھن ، ذرخيزي ، ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ڪري ، بني نوع انسان جي ڀلائي ۽ بھبود جو ذريعو بڻائي ٿو . ڪجھ شخصيتون اھڙيون به ھونديون آھن ، جيڪي پنھنجي بلند ڪردار سان دنيا ۾ ھڪ الڳ مقام بڻائي ماڻھن جي دلين ۾ ڌڙڪندا آھن ، اھڙن عظيم انسانن مان سيد پير محمد شاه ڊي ۔آء ۔ جي حيدر آباد به ھڪ آھن . پوليس آفيسر طور ته بھادري ۽ فرض شناسيء طور خبرون وقت بوقت ميڊيا ۾ اينديون رھيون آھن ، جيڪو ادا ڪرڻ ۽ عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ سندن فرض آھي .
ضلعه شھداد ڪوٽ کان ضلعي حيدر آباد تائين ننڍا ۽ وڏا ڳوٺ ، واھڻ ، وستيون ۽ ڪجھ وڏا شھر برساتن ۽ بلوچستان مان آيل برساتي پاڻي جي تيز وھڪرن ۾ ٻڏي ويا ، چوپايو مال لڙھي ويو . ماڻھو پريشاني جي عالم ۾ پنھنجن بزرگن ، امڙين ۽ ٻارن کي دردناڪ ڪيفيت ۾ پنھنجن ڪلھن تي کڻي ۽ جھڙي تھڙي سواري ۾ چڙھي فقط جان بچائي نڪتا . انھن ماڻھن جو ھڪ تمام وڏو تعداد حيدر آباد ۽ ڄامشورو ۾ اچي ترسيا . انھن ڏکايل ماڻھن جي دردن ۽ وسيلن جي اڻھوند کي سنڌي ميڊيا بريڪنگ نيوز ، اسٽوريز ، ھيڊ لائينز ،ڪالمن ۽ ايڊيٽوريل صفحن ۾ بيان ڪري ، انتظاميه کي جاڳايو ، جنھن سان مسڪين ماروئڙن جي مالڪي به ٿيڻ لڳي . انجنيئر انور علي سيال صدر سگا پنو عاقل شاخ ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽر سيڊا ھنن ڏکين گھڙين ۽ صورتحال ۾ ڪشمور ، شھداد ڪوٽ بدين حيدر آباد ، ڪراچي ، پنو عاقل ۽ ٻين شھرن ۾ خدمتن سان سرشار ۽ مثالي ڪم ڪري رھيو آھي . سائين انور علي سيال ، سائين پير محمد شاه جي سماجي خدمتن جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي ۽ تفصيلي واقفيت به ڏني ته ، جي ۔ڊي سي JDC ،سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي گڏيل نيٽ ورڪ ۽ سرگرم ساٿين سان گڏ ، محترم جناب نديم الرحمان ميمڻ صاحب ڪمشنر حيدر آباد ڊويزن ۽ سائين پير محمد شاه ڊي ۔ آء ۔ جي حيدر آباد ڊويزن جي سربراھي ۾ متاثرين لاء خدمتون ڪيون پيون وڃن . سگا ڄام شورو شاخ جا ساٿي به خدمتن ۾ ھر وقت مصروف آھن . سائين پير محمد شاھ حيدر آباد ۽ ڄام شورو جي متاثرين جي اندروني توڙي بيروني طور حفاظت کي يقيني بنائڻ لاء جوڳا اپاء ۽ انتظامن جا خاص احڪام جاري ڪيا آھن . واسطيدار اختيارين کان روزانه جي بنياد تي رپورٽون به وٺي رھيا آھن ۽ خود به حفاظت جي نگھباني ڪري رھيا آھن . انھن متاثرين کي وقت تي ، روزانه جي بنياد تي ، کاڌ خوراڪ به سائين پير محمدشاه جا ماڻھو پھچائي رھيا آھن ، ۽ سائين پاڻ به کاڌ خوراڪ جي خاص نگھباني ڪري رھيا آھن . متاثرين کي پاڻي به ، پير محمد شاھ جي ماڻھن پاران پھچايو پيو وڃي . متاثرين جي صحت جي حوالي سان به سائين پير محمد شاه انتظامن کي يقيني بڻايو آھي . متاثرين جي سڀني گھرجن کي پوري ڪرڻ جي عزم ۽ جستجو سان ڪاميابيون ماڻي خدمتون ڪري قلبي سڪون حاصل ڪري رھيا آھن . ھن ڪم ۾ سگا ۽ جي ۔ڊي ۔ سي جا جيڪي ساٿي ، سائين پير محمد شاه سان گڏ ۽ ويجھڙائي ۾ ڪم ڪري رھيا آھن اھي ٻڌائن ٿا ته ، سائين پير محمد شاه انسانيت جي ناتي متاثرين کي پنھڻجي گھر جي ڀاتين وانگر سمجھي ، سڀ وسيلا درست استعمال ڪري دل وجان سان عبادت سمجھي رات ڏينھن خدمت ڪري رھيا آھن . سماج ۽ ھن نظام ۾ اھڙا املھ ڪردار اتساه ڏين ٿا سندن عملن سان ويساه ٿو پيدا ٿئي .
دلدار وڏي شي آ
پيار وڏي شي آ
ماڻھو ته مٽيء جو آ
ڪردار وڏي شي آ .
جڏھن ڪو املھ ڪردار ڪنھن ضرورتمند جي مدد ڪري ٿو ، جنھن ڏک ، درد يا تڪليف مان گذري ٿو ، ان مان کيس نجات ڏياري ٿو ، ضرورتون پوريون ڪري ٿو ۽ آسانيون پيدا ڪري ٿو ، تڏھن ان جي مک تي جيڪا مرڪ اچي ٿي اھا حقيقي زندگي آھي .
جي خدمت ڪرڻ جو جذبو نه اٿئي اي طالب المولي
ته پوء مخدومي ڪو وڏو منصب ته ڪونھي .
توھان مان ڪيترا خوش آھن ، ؟ ، سڃاڻپ ، شناخت ، عزت ، نالو ۽ شھرت ان کي چوندا آھن . سائين پير محمد شاھ پنھنجي زندگي جو مقصد به اھو بڻايو آھي ته ماڻھن ۾ خوشيون ورھائڻيون آھن . ماڻھن لاء آسانيون پيدا ڪرڻيون آھن. توھان ڪيترن مان خوش آھيو ؟ اھا اھميت واري ڳالھ يا ضروري ناھي . سائين پير محمد شاه ۽ سٿ ٻين کي دردن مان نجات ڏيارين ٿا ڏکن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا . اھڙن املھ ماڻڪ موتي ڪردارن سان محبت فطري عمل آھي .
اسين سرھاڻ جا گيسو صبا بنجي سنواريون ٿا
ڪندا شبنم جي قطرن کي نگاھن سان سلام آھيون
نه ڪنڊن کي ٿا کيڪاريون نه ٿوھر سان رکون ياريون
مگر رابيل جا نوڪر گلابن جا غلام آھيون .
سنڌ سونھاري سخي ۽ ڏاتارن جي ڌرتي آھي ، مخيئر ماڻھن جي ڌرتي آھي جيڪي انساني خدمتن سان سرشار آھن ، جي ۔ڊي ۔ سي سگا ٻيون سماجي تنظيمون ، برک شھري ۽ سرنديء وارا به مسڪين ماروئڙن جي خدمت ۾ مصروف عمل آھن ۽ ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪري رھيا آھن .
سائين پير محمد شاه جون ھي انساني خدمتون ۽ عمل سنڌ جي ٻين آفيسرن لاء ھڪ ”واٽ ۽ لاٽ جيئان آھن“ . افسوس سنڌ جي آفيسرن کي نه سائين پير محمد شاھ جي واٽ لڀي ٿي ۽ نه ئي ان لاٽ جي روشني پسي سگھن ٿا . سنڌ جا آفيسر انسانيت ۽ ميرٽ تي ڪم ڪن ته سنڌ جي ماڻھن جون گھڻيون تڪليفون ۽ اھنج ختم ٿي سگھن ٿيون . مجموعي طور سنڌ جي آفيسرن جي روين ۽ ڪردار سان متاثرين جي اھنجن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿي رھيو آھي . ان ڪري غلط پاليسون ختم ڪري نيڪ نيئتي سان ۽ خدمت جي جذبي سان مسڪين ماروئڙن لاء ھر حوالي سان آسانيون پيدا ڪرڻ گھرجن. سنڌي سماج سائين پير محمد شاه جي ان خدمتن جي واکاڻ ڪري ٿي ۽ سنڌي سماج جو ھيرو سمجھي ٿي ۽ گڏوگڏ محفوظ مقامن ۽ بحالي تائين مدد جاري رکڻ جي اپيل به ڪري ٿي .
سائين پير محمد شاھ ۽ ٻيا عظيم انسان جيڪي مسڪينن جي خدمت ڪري رھيا آھن انھن تي الله تعالي جو راضپو آھي . الله تعالي انھن کي ان نيڪ ۽ عظيم ڪم لاء چونڊيو آھي ۔ الله تعالي کان دعا آھي ته متاثرين جي حال تي خاص رحم فرمائي .متاثرين جلد پنھنجن ڪکن ۽ اجھن ۾ خير خيرت سان واپس آباد ٿين ، ۽ مسڪينن کي ”ٻڏيء جا ٻيڻا“ ڪري عطا ڪري ۽ سنڌ جا ڳوٺ ، واھڻ ، وستيون شھر ، گھر ۽ سڀني جا اڱڻ آباد فرمائي آمين ۔
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين ۔