سنڌ جي بهادر نياڻي مظلومن جي ترجمان ادي اُم رباب چانڊيو پاران اڄ ڪراچي شاهنواز شر ڳوٺ ۾ قائم ڪيمپ پهچي متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن ۾ راشن تقسيم ڪيو ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي چاڪليٽ ٽافيون پڻ ورهايون سرڪاري اسڪولن ۾ ويٺل بي يارو مددگار مختلف ضلعن کان ڪراچي جي ڪيمپن ۾ ويٺلن جي حالت ڏسي اُم رباب چانڊيو غمگین ٿي وئي جتي هن چيو ته امير سنڌ جا ماڻهو سنڌ سرڪار جي نااهلي سبب الهه تلهه لڙهي وڃڻ سبب هتي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي جتي کين ڪا به سهولت ميسر ناهي رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي نه مڇر دانيون مليون آهن نه ئي پاڻي پيئڻ جي ڪا سهولت نه کائڻ پيئڻ جو ڪو بندوبست غريب ماڻهو پنهنجي اجهن کان محروم ٿي هتي سرڪار جي آسري پهتا پر حڪمران چونڊيل نمائندا پنهنجي بنگلن ۾ سڪون واري زندگي گذاري رهيا آهن پر هي ماروئڙا درپدر بک وگهي مري رهيا آهن اسڪولن جي ڪيمپن صفائي سٿرائي نه هجڻ سبب متاثر بيماري ۾ وڪوڙجي رهيا آهن هڪ هٿ وٺي شهر ٻوڙيا ويا ۽ پنهنجي گهرن کان بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ ڪو مطمئن جوڳو قدم ناهي کينو ويو اڄ متاثرن جي اهڙي حالت ڏسي روئڻ ٿو اچي هنن کان صرف ووٽ ورتا وڃن ٿا پر هنن جي پرواھ ڪنهن کي ڪونهي افسوس ٿيو ٿئي ته اسان کي اهڙا حڪمران مڙهيا ويا آهن جيڪي صرف عوام جا دشمن آهن همدردي ۽ مدد جو انهن وٽ ڪو احساس ناهي هن چيو ته هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن کي راشن فراهم ناهي ڪيو ويو حڪومت ڪراچي ۾ الڳ ٽينٽ سٽي ٺاهي سڀ بنيادي سهولتون ڏيڻ گهربيون هيون پر حڪومت رڳو حوال ڪرڻ ۽ ڦوٽو سيڪشن تائين محدود آهي ۽ ماروئڙا مري رهيا آهن سنڌ پنهنجي ڪُلهن تي لاش کڻي رهي آهي، جتي ساڻس فياض الدين چانڊيو ، عرفان عالماڻي، مومل پنهل ساريو، فوزیہ عمران شر، ۽ ٻيا گڏ هئا.