مسلم جرنيل محمد بن قاسم 93هجري بمطابق 712عيسوي تي سنڌ کي فتح ڪري هتي عظيم الشان ديني درسگاه ۽مسجد تعمير ڪرائي هئي سکر کان ٻارنهن ڪلوميٽر ۽روهڙي شهر کان ست ڪلو ميٽر ۽ موٽروي کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي قديم تاريخي مسجد محمدبن قاسم اروڙ جا قديم آثار موجود آهن هي قديم مسجد محمد بن قاسم اروڙ تخت گاه کان ٻاهر دڙي تي قائم آهي مسجد جا قديم آثار تباه حالي جو شڪارٿي رهيا آهن جنهن جي اولھ واري پاسي جي ديوار مٿان کان ڪري آهي جنهن جون سرون مسجد جي محراب مٿان ڪريون آهن اتي موجود ڪٻٽ ۾ موجود قرآن پاڪ به شهيد ٿيا آهن قديم آثارن جي ٻنهي ديوارن ۾ گهرا ڏار پئجي ويا آهن هاڻوڪي ٻن مهينن کان مسلسل هلندڙ برسات جتي ڪيترين نون ۽پراڻين عمارتن کي شديد نقصان پهچايو آهي ان جي ڪري قديم مسجد محمد بن قاسم جي آثارن کي به وڏو ۽شديد قسم جو نقصان رسيو آهي جيڪڏهن مسجد محمدبن قاسم جي آثارن کي بچائڻ لاء تڪڙا اپاء نه ورتا ويا ته هي ننڍي کنڊ جي پراڻي پندرنهن سوسال واري تعمير شده مسجد محمد بن قاسم۽ مسجد جا قيمتي آثار سال اندر مسمار ٿي ويندا جنهن سان سنڌ جو هي عظيم اسلامي ثقافتي ۽تاريخي ورثو تباه ٿي ويندو جيڪو اسان جو تاريخي ديني اسلامي ورثو آهي تنظيم فڪرونظرسنڌ جي صدر پروفيسر اصغرمجاهد مهر ٻڌايو ته مسجد محمد بن قاسم جي آثارن کي بچائڻ لاء صوبائي سنڌ حڪومت ۽وفاقي حڪومت کي سوين ليٽر لکيا ويا آهن صدر پاڪستان پڻ سنڌ حڪومت کي ڊائريڪٽوز جاري ڪري پندرنهن ايڪڙ سنڌ حڪومت سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزن حيدرآباد ڪمشنر سکر جي ليٽر جي روشني ۾ مسجد محمد بن قاسم جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي مسجد جي کاتي ٿيل آهي صدر پاڪستان جا ڪجھ ڊائريڪٽوز چيف سيڪريٽري سنڌ معرفت حڪومت سنڌ کي مسجد محمد بن قاسم جي آثارن کي محفوظ بڻائڻ ۽ نئين مسجد جي تعمير لاء پڻ لکيو آهي
ان سلسلي۾ حڪومت سنڌ ثقافت کاتي پاران ٽي سال بجيٽ ۾ ٽي ڪروڙ رپيا به رکرايا هئا باقاعده اسڪيم به منظور ڪري اشتهار ذريعي ٽينڊر به ڪرايا هئا ان لاء منظوراحمد سومرو ٺيڪيدار به مقرر ٿيو هو پر بدقسمتي سان جڏهن سردارعلي شاه منسٽر ۽اڪبر لغاري جهڙ سيڪيولر سيڪريٽري مقرر ٿيا ته فوري طور تي مسجد جو ٿيندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ۽ سردار علي شاه ۽ثقافت کاتي جي آفيسرن تاريخي مسجد محمدبن قاسم جودورو به ڪيو جنهن سان گڏ سنڌ جا نامور اديب دانشور مدد علي سنڌي ايازگل ادل سومرو ممتاز بخاري ۽منسٽر ٽراسپورٽ سنڌ اويس عبدالقادر شاه به ساڻ هئا جن مسجد محمد بن قاسم اندر بيهي واعدو ڪيو هو ته مسجد محمد بن قاسم جو تعميري ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو ۽قديم آثارن کي محفوظ بڻائڻ لاء انڊومنٽ ٽرسٽ ڪراچي پاران پڻ سيڪريٽري انڊومنٽ ٽرسٽ ڪراچي عبدالحميد اخوند جي صدارت ۾ فيصلو ٿيو هوته آثارن کي محفوظ بڻائڻ لاء انڊومنٽ ٽرسٽ جو ذمو هوندو جڏهن ته مسجد محمد بن قاسم جي نئين سر تعمير محڪمه ثقافت حڪومت سنڌ ڪندي پر سردار علي شاه ۽سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري نه فقط وعدي کان ڦري ويا پر انهن ٻنهن بي دينن بربريت جو مظاهرو ڪندي تاريخي مسجد محمد بن قاسم جي اپروڊ اسڪيم کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن جي شڪايت ۽اپيل وڏي وزير گورنر سنڌ ۽صدرپاڪستان کي ڪئي ويئي جنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري سروسز ميٽنگ طلب ڪئي جنهن ۾ثقافت کاتي جا آفيسر اوقاف کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊيشنل ڪمشنر سکر ۽ تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو صدر پرفيسر اصغر مجاهد مهر شريڪ ٿيا ميٽنگ ۾ اها اسڪيم بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو منٽس جاري ڪيا ويا هئا ۽ڪمشنر سکرکي هدايت ڪئي ويئي ته صدر پاڪستان جي ڊائريڪٽوز جي روشني ۾ اسٽيٽ لينڊ ۽گراٽينڊ لينڊ تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ان کان اڳ ۾ ڪمشنر سکر جناب عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر اسٽنٽ ڪمشنر روهڙي ۽مختيار ڪار روهڙي پڻ شريڪ ٿيا هئا پر اڄ سوڌوتنظيم فڪرونظر سنڌ جي ڪوششن ۽ڪاوشن جي باوجود ان تي تر جيترو به عمل نه ٿيو آهي اپريل جي مهيني مهرقبيلي جي چيف سردار محمدبخش خان مهر ايم اين اي پاران پڻ ڪمشنر سکر غلام مصطفي ا ڦل کي سفارش ڪئي ته تنظيم جي مرڪزي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر مناره روڊ سکر کي غير آئيني ۽غير قانوني طور مسمار ڪيو ويو آهي اوهان وٽ اپيل پينڊنگ ۾ پيل آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسلامڪ سينٽرمناره روڊ سکر 1973جي آئين جي آرٽيڪل نمبر 270Aموجب تحفظ مليل آهي ان ڪري اپيل ٻڌي وڃي انصاف ڪيو وڃي مسئلو آئيني ۽قانوني طور تي مسئلو حل ڪيو وڃي ان لاء ڪمشنر سکر سان تنظيم جو صدر پروفيسر اصغرمجاهد مهر ملي چڪو آهي جنهن واعدو ڪيو آهي ته تنظيم فڪرونظرسنڌ جي اپيل تي ڌرين کي جلد نوٽيس جاري ڪيا ويندا ۽ تاريخي مسجد محمد بن قاسم جي مسئلن کي پڻ جلد حل ڪيو ويندو ڊيلي پاڪ سوچ ميڊيا گروپ قديم مسجد محمد بن قاسم جا فوٽيج ورتا وزٽ دوران خطيب جامع مسجد محمد بن قاسم اروڙ ٻڌايو ته منهنجي رهائش وارو ڪمرو به ڪري پيو آهي ۽ساڳئي وقت مونکي ٽن سالن کان تنظيم فڪرونظرسنڌ وارا پگهارون نه ٿا ڏين مان پوڙهو ۽بيمار ماڻهو آهيان چوويھ ڪلاڪ مسجد محمد بن قاسم جي سار سنڀار ۾ رڌل آهيان پر پگهارن نه ملڻ جي ڪري ڪڏهن بک تي ته ڪڏهن پني ڪري ماني کائيندو آهيان تنظيم وارن کي ٽڪي جو احساس ناهي واقعي هي تاريخي مسجد بن قاسم جوخطيب وڏي تڪليف ۾ گذاري رهيو آهي تنظيم جي صدر پروفيسر مجاهد مهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته بينڪ جي اڪائونٽ ۾ ته پيسا آهن پر بنا جواز جي بينڪ ۽اين آء يوٽي وارا ڪيترا دفعا ليٽرس لکڻ جي باوجود پيسا جاري نه ٿاڪن ان ڪري خود تنظيم به مالي طور مسئلن جو شڪار آهي ان ڪري جو مخالفن پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيئن اهو مسئلو ٿيندو خطيب جامع مسجد محمد بن قاسم اروڙ جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو
تحرير ذوالفقار سولنگي پاڪ سوچ ميڊيا گروپ