پئدائش . 4 آڪٽوبر 1883
وفات 29 مئي 1977.
لارڊ مسٽو جنهن مڪمل تعليم پنهنجي ملڪ انگلينڊ مان حاصل ڪئي . انڊين سروس جو اعلي امتحان پاس ڪري بمبئي سرڪار ۾ مڪينيڪل ۽ زرعي انجنيئر بڻيا .
پهرين جنگ عظيم ۾ عراق ۾ رزور آفيسر به ٿيا . پوِء وري اتان بدلي ٿي سنڌ ۾ آيا جتي سال 1907-09 تائين به بمبئي سرڪار جي سنڌو درياِء جي پاڻي کي زراعت لاِء قابل بڻائڻ لاِء هلندڙ پروجيڪٽ تي به ڪم ڪيو .
انگريز سرڪار سنڌؤ درياِء تي پورا پنجاهه سال پيپر ورڪ ڪيو . ساري سنڌ جو سروي ڪيو . انهن پراڻن پيچرن ۽ ايندڙ نؤن رستن تي به بهترين ڪم ڪري ڪاغذن ۾ محفوظ به ڪيو . ۽ اهي پنا ڪتابي صورت ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي وٽ به اڄ ڪارآمد اهن پر اصل ڳالهه آهي عمل ڪرڻ جي ڪم ڪرڻ جي .
جڏهن مسٽو صاحب سنڌ ۾ آيا ته اهي مڪمل پيپر ورڪ پڙهي هڪ راِء ڏني
“لارڊ لائيڊ جهڙو ماڻهو ساٿ ۾ هجي ته آئون انهن پنن کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهان ٿو .””
اها ڳالهه لائيڊ ٻڌي ۽ هن ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو .
مسٽو صاحب لائيڊ صاحب سان انڊيا ۾ ڪئنالن تي به ڪم ڪيو ۽ تڏهين ان اها ڳالهه ڪئي هئي .
لارڊ لائيڊ جي ڀرپور آشيرواد سان لارڊ مسٽو سڀ کان پهرين سکر بئراج تي ڪم ڪيو ۽ ڪافر ڊيم ٺاهي پاڻي کي رستو ڏنو . پر جيئن ئي بئراج تي ڪم شروع ٿيو ته تمام گهڻيون سازشون به شروع ٿيون ته اهو بئراج ان هنڌ تي ۽ سنڌ ۾ نه ٺهي . پر مسٽو پنهنجي ڪم ۾ مصروف عمل رهيو جنهن ڪنهن جي پراوهه نه ڪئي .
مسٽو صاحب کي اتان جي مقامي ماڻهن به خوف ڏياريو پر هي دلير انسان ڪم ڪندو رهيو ۽ ڪم پورو به ڪري ڏيکارايائين .
جڏهن آبڪلاڻي جي مند ۾ پاڻي انتها تي هيو ته ان وقت جا لوڪل ماڻهو رڳو ان ڳالهه تي وهم ڪندا هيا ته متان درياِء ٺهيل ڪم کي لوڙهي نه وڃي . پر مسٽو هرحال مڪمل مطئمن هيو .
جڏهن بئراج شروع ٿيو ته ان جي سڀني ستن ئي واهن تي به ڪم جي نگراني ڪندڙ هيو ۽ انهن ستن ئي ڪئنالن مان هڪ ته مصر جي سئز ڪئنال کان پڻ وڏو هيو . جنهن کي اڄ نارا ڪئنال سڏيندا آهن .
جڏهن هي بئراج ٺهي تيار ٿيو ته هي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ ساري دنيا ۾ سندس جي مڃتا ٿي .
هي عظيم انسان جنهن جو سنڌ تي وڏو احسان سکر بئراج ٺاهڻ آهي . 1934 ۾ انڊيا مان رٽائر ٿيو .
هن 1922 ع ۾ شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ٿيون .
ڪالونيل دؤر جو عظيم اسٽرڪچر سکر بئراج اڄ به پنهنجي جاهه و جمال سان سنڌ سان سنڌ جو شان بڻيو بيٺو آهي .
دم دعا ته آباد هجي ۽ لکين رحمتون وسن لارڊ لائيڊ ۽ جناب آرنلڊ مسٽو تي .جن جي نيڪ نيتي سان نانگ وانگي ورڪڙ کائيندڙ سنڌو درياِء دنيا جي دريائن جو ابو به ڪوٺجندڙ لڳو ۽ سنڌ سرسبز به بڻي .