زندگيءَ جو آغاز ٿين شرط، سيکاؤ جو عمل شروع ٿيو وڃي، جيئن نئين زندگي پنهنجي امڙ جي ھنج ۾ اچي ٿي، جيڪڏھن امڙ جو پھريون ٻار آھي، ته ان کي سيکارڻ لاءِ ٻار جي ناني، ماسي يا ڏاڏي دائي وغيره جي روپ ۾ ھوندي، ٺيڪ اڄڪلهه نرسنگ سسٽم ھلي پيو، وقت جي تيز وھڪري ۾ جتي ناني، ماسي ۽ ڏاڏي اڻ لڀ ٿينديون پيون وڃن، اتي جُڳاڙ ھليو ٿو وڃي، بهرحال اڃان به دائي طور وڏڙيون بغير ڏيڻ وٺڻ جي خدمت ڪنديون رھن ٿيون.
ائين الله لوڪ درويش صفت انسان بغير مذدوري جي ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ قرآن پاڪ جي في سبيل الله تعليم ڏيڻ ۾ عار محسوس ڪون ڪندا ھئا، خاص ڪري نيڪ عورتون عورتن کي گھرن ۾ اھو سلسلو جاري رکيو اڃان به اچن پيون، جتي اڄ سواءِ ڏيڻ وٺڻ جي ڪو ڪم ٿيڻ مشڪل آھي، ائين وري ھڪڙا ملنگ ماڻھو ڏٺاسين جيڪي سڄي پاڙي وارن جو دڪان وغيره جو سيڌو سامان عورتن جي گھرائڻ تي بغير اجرت جي پھچائي اچن، ائين پاڻي ڀرڻ ۽ مھمانن وغيره جي اچڻ وقت ھڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪن، جيڪڏهن ڪو بيمار ٿي وڃي ته پاڙي جو ڊاڪٽري ڄاڻندر ڳوٺاڻو ھمراھي ڪرائي ساڻن گڏ وڃي يا سواري وغيره ۾ مدد ڪري اسپتال تائين پھچائجي، اھا ھڪ وڏي ثقافت ۽ رسم ھوندي ھئي، جيڪا لوڀ لالچن ۽ حوص حرصن جي ڪڍ چڙھي ويئي، ٿورڙي، ٿورڙي ڳالهه تي طعنا تنڪا ۽ مھڻا، ھاڻي جيڪڏهن ڪنھن ماسي، ناني کي ڪا لوڻ جي چپڪي کپي ته اھا ملندي ڪون پاڙي مان، اگر ملندي ته گھڻيون ڳالھيون ٺاھيون وينديون.
وقت ڏکيا سکيا ھر زندگيءَ وارن تي ايندا آهن، اھو ھڪ دنيا جو دستور آهي، “مون کي ياد آهي، ھڪ ڊاڪٽر جيڪو تازو تازو پڙھي آيو ھجي، بابا کي ان تي وڏو اعتبار ھجي، منھنجي نڪ جي ھڏي جو آپريش ڪرائڻو ھجي، اھو ڊاڪٽر بابا جي گاڏيءَ ۾ گڏ ھليو، کارائڻ ۽ پيارڻ وغيره پنهنجي جڳهه، پر بابا کان اسپتال جي موجوده او پي ڊي جي حاضري مطابق فيس ورتائين، جيڪا ان وٽ ٻه ھزار ٿي، اِها ٻائيتاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، ان جي اسپتال ٺھرائڻ ۾ ٽيڪٽر ٽرالي ۽ مزدوري بابا ڀري هئي، اھا ڪم ظريفي مونکي اڄ ڏينهن تائين ياد آھي”، چوڻ جو مطلب تاريخ ۾ ھميشه اھڙا ڪرادر ڏٺا ويا آهن.
جيئن اڄ ڪنهن سٺي انسان روئي پئي ٻڌايو ته، جمعي نماز لاءِ گھر مان نڪتس ته ھڪ ٽٽل ڦٽل پراڻي تال ٽپڙي جي هيٺ معصوم ٻه ٽي ٻارڙا ھڪ پوڙھي عورت ويٺل ھئا، جڏھن ھڪ عورت مِٽي کڻيو ڀر ۾ ننڍڙي ديوار ڏئي رھي ھئي جيئن سرديءَ جي موسم ۾ معصوم ٻارڙن جو اولھو ٿي وڃي، وڌيڪ ڳالهه ڪندي ڪجهه ميسج پڙھڻ لاءِ ڏنائين جيڪو ھڪ موجودہ آفيسر ۽ سياسي پارٽي جي عھديدار جو هو، جنھن ۾ لکيل ھو ته، مونکي رعايت تي ڪجھ سئو ٽينٽ وڪڻڻا آھن، پوءِ ھنن جي پاڻ ۾ ميسجن جي ڏي وٺ پئي ٿي، قيمت ۽ ڳالهه کي ٻاھر لِيڪ ڪرڻ جي منع وغيرہ ڪرڻ، پوءِ مونکي ان عورت ڀت ٺاھڻ واري تي يقين ٿي ويو، جيڪڏهن کين ٽينٽ ۽ راشن ملي ھا آساني سان ته ھو ڇو ھن وقت ڀت ٺاھي ها، ھن کي پڪ ٿي ھوندي ته ھي اعلان وغيرن اسان لاءِ ڪجھ به ناھن.
ائين ڀر ۾ ويٺل ھڪ دوست دڪاندار چيو نالو نه کڻ تي ھاڻي اسان وٽ اڌ موڙي تي امداد جو سامان وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، مون وٺڻ کان لاچاري ڏيکاري پر وٺڻ وارن انگ وڏو آھي، ھاڻي ٿورڙو غور ۽ فڪر ڪريو ڪو به ضرورت ۽ بکئي پيٽ وارو راشن ھن وقت ڏيندو، ھاڻي توھان اندازو ڪريو ته ورھاست ڪيئن پئي ٿئي، ھڪ يوسي واري ڪائونسلر ڪنھن کي چيو راشن وارا پنج ڪٽا مونکي مليا سوچيم ته ووٽر پاڻ ۾ وڙھندا تنھن ڪري افراتفري کان بچڻ لاءِ پاڻ رکي ڇڏيم، ائين ئي اسان جي چيئرمين صاحب مليل ٽينٽن تي پنهنجو حق سمجھي ورڪر لڏي کي خوشامد ڪرڻ جو انعام بخش ڪيو، جڏھن انصاف ان حد تائين پھچندو پوءِ نفرت بغلن مان نڪري نروار ٿيندي.
ڪنھن ليڊر چيو يار بکايل روڊن رستن تي پيا آھن مون واري ڇوڪر انھن جي سامھون برگر پئي کاڌو ان کي نظر لڳي ويئي آهي، ھاڻي آسمانن تي تارن جون قطارون نڪرن، ٽانڊن ۽ پٿرن جو مينهن وسي ھن سماج جا مختصر افراد يرغمال ڪرڻ جي صلاحيت رکن پيا.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري