سنڌ سونھاري ڀاڳن واري سر زمين جي مردم خيز مٽيء مان ڪيترن ئي شاعرن ۽ عالمن جنم ورتو آھي ، جن جو ڪلام ۽ علم سنڌ ڌرتيء کان ، عالم انسان ذات تائين فائديمند ۽ مؤثر ثابت ٿيو آھي ، ۽ پنھنجو اثر ڇڏيو آھي . اھڙن املھ ۽ عظيم ھستين ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه سڀني کان اعلي ، نمايان ۽ سر فھرست آھن
دنيا جو عظيم شاعر ۽ بزرگ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه اڳوڻي ضلعي حيدر آباد ۽ موجوده ضلعي مٽياري جي ڀئين پور ڳوٺ ۾ ، 1102 ھجري ۾ ، شاھ حبيب جي گھر ۾ اک کولي . حضرت شاھ حبيب جي وفات کانپوء ، حضرت شاھ عبداللطيف رحه ”ڀٽ “ کي پنھنجو مسڪن بڻايو . ھڪ روايت آھي ته حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه امي ھو ! ، ان بابت مختلف محققن اديبن ، دانشورن ۽ عالمن مختلف رايا ڏنا آھن . ڪن کيس يگانو عالم سڏيو آھي ته ڪجھ اھل علم جي راء موجب کيس علم لدني حاصل ٿيل ھو ، جيڪو الله تعالي طرفان ، الله جي پيارن ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آھي . حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه سان ٽي ڪتاب سدائين ساڻ ھوندا ھئا ، قرآن پاڪ ، مثنوي مولانا روم ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو . حضرت شاھ عبداللطيف جو رسالو ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو ھڪ تاريخي ، منفرد ۽ ھڪ عظيم دستاويز آھي جنھن ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جا سڀ سبق ، نصيحتون ۽ ھدايتون ، تحقيق ۽ مثالن {مشابھتن} سان انسانن لاء موجود آھن . حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري ۾ مشاھدن جي بنياد تي فني ۽ فڪري گھرائي سڀني کان نرالي آھي . حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام جو ، ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي . حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه سڄيء سنڌ جو پيرن پيادو سير سفر ڪيو ۽ عام ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي ،طور طريقن ڪمن ڪارن ۽ روين وغيره جو مشاھدو ڪري پنھنجي شاعري ۾ پلٽيائين ۽ خاصيتن ۽ خامين کي مد نظر رکي ، انسان جي رھنمائي ڪئي آھي . سنڌ جا ماڻھو کيس پيار ، محبت ۽ عقيدت وچان کيس لاکيڻو لطيف ، لالئون لال لطيف ، لطيف سرڪار ۽ ڀٽائي گھوٽ جي نالن سان ياد ڪن ٿا .
حضرت شاھ ڀٽائي رحه جي شاعري ۾ بي بھا موتي ۽ قيمتي ، رھبريء ۽ رھنمائي جا ھيرا نظر اچن ٿا ۽ انسان ذات لاء ڀلائي ، ترقي ، ٻڌي ، ايڪي ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيء جا سبق مليل نظر ايندا . لاکيڻي لطيف سرڪار تصوف جھڙي ڳوڙھي مسئلي کي اھڙي ته پياري انداز سان سمجھايو آھي ، جو پڙھڻ سان عقل دنگ رھجي وڃي ٿو . شاھ سائين جي شاعري ۾ لفظن جو دل لڀائيندڙ ڀنڊار ڀريل ھوندو آھي . ڀٽ جو گھوٽ پنھنجي شاعري بابت انسانن کي سمجھائيندي فرمائي ٿو .
”جي تون بيت ڀانئين سي آيتون آھين
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي .
ان مان ظاھر ٿئي ٿو ، ۽ اھا مڃيل حقيقت به آھي ته ، شاھ سائين جو شعر اصل ۾ آيتن جو ترجمو آھن ، يعني جيڪي ڪجھ آيتن ۾ آھي ،
سو شاھ صاحب ترجمي ۾ پنھنجي شاعري ۾ سمايو ۽ فرمايو آھي .
شاھ سائين جي شاعري کي پڙھڻ ۽ پرجھڻ ڪري معرفت جي منزل ملندي ، پر ان لاء انسان کي پنھنجي دل مان بغض ، ساڙ ، حسد ، نفرت ، ڪروڌ ، ڪدورت ڪيني ۽ ڪلفت کي ڪڍڻ ضروري ۽ لازمي آھي ، ڇاڪاڻ ته اھي شيون انسانيت لاء ھاڃيڪار آھن . من کي ميرو نه پر اندر کي آئيني مثل ڪجي ته جيئن اصلي روحاني چھرو پنھنجي پاڪ جلوي سان نڪري نروار ٿئي.
اکر پڙھ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار
اندر تون اجار پنا پڙھندين ڪيترا .
لطيف سرڪار جي شاعري ، انسان ذات لاء ، نصيحت ڀري آھي . ان بيت ۾ ذڪر الاھي لاء انسان کي ھدايت ڪري ٿو، دين ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيء جي رھنمائي ڪري ٿو . انسانن کي وڌيڪ سمجھائڻ لاء شاھ سائين ھيئن به فرمائي ٿو ،
وحده لاشريڪ له ، جان ٿو چئين ائين
تان مڃ محمد صه ڪارڻي نرتئون منجھان نيھن
تان تون وڃيو ڪيئن ، نائين ڪنڌ ٻين کي .
شاھ سائين تمام گھڻو اونھو آھي ، پنھنجي بيت وانگر ئي سمنڊ آھي .
سيوا جر سمونڊ جي ، جت جر وھي ٿو جال
سوين وھن سير ۾ ، ماڻڪ موتي لال،
جي ماسو مڙيئي مال ، ته پوڄارا پر ٿين
تيئن شاھ لطيف سائين سمنڊ آھي ، ھرڪو ان عميق ۾ گھڙي ٿو ، ۽ ڪجھ لھي ٿو ، عوام کي آڇي ٿو ،پر ماڻڪ موتي ۽ لال اڃان رھجي ويا آھن .
شاھ سائين جو رسالو اسان لاء، ” لاٽ ۽ واٽ آھي “. افسوس اسان نه اھا واٽ لھي سگھيا سون ، ۽ نه ئي ان لاٽ مان ڪا روشني حاصل ڪري سگھيا آھيون . اسان وٽ اڃا به قبائلي جھيڙا ، خانداني قتل ۽ ٻيا اھڙا جيء جھوريندڙ واقعا اخبارن ۾ معمول موجب روز پڙھون پيا .
حقيقت ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه اسان کي گھڻو ڪجھ ڏيئي ويو ھو ته اڳتي وڌون ، پر افسوس اسان اڳتي وڌي نه سگھياسون . اسان کي اڳتي وڌڻ لاء اسلامي اصولن تي دل و جان سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ان سلسلي ۾
صدر پاڪستان ڀٽ شاھ ۾ صوفي يونيورسٽي قائم ڪئي ھئي . ھاڻي ان ڪم جي دائري کي وڌائڻ جي اشد ضرورت آھي . سنڌ جي وزير تعليم ڪجھ وقت اڳ ۾ ھڪ ھزار ” ميوزڪ ٽيچر “
مقرر ڪرڻ جواعلان ڪيو ھو . ميوزڪ استادن جي مقرري کان اڳ ۾ ، جيڪڏھن ھر ھاء اسڪول ۾ ، ايس ۔ ايل ۔ ٽي ۔استاد مقرر ڪيا وڃن . ٻه نوان مضمون ، ھڪ
” اسان جو شاھ“ جنھن ۾ شاھ سائين جي سير سفر ۽ سندس زندگي ۾ آيل واقعن ۽ حقيقتن بابت نصاب جي صورت ۾ پڙھايو وڃي ، ۽ ٻيو سندس بيتن تي مشتمل نصاب
”جي تون بيت ڀائين“
لاڳو ڪري ٻارن کي پڙھائڻ گھرجي ۽ ايس ۔ ايل ۔ ٽي استاد ، اھي ٻئي مضمون پڙھائن . ھر ڊويزن ۾ صوفي يونيورسٽين جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ، ته جيئن لطيف شناسائي سان ،
” پر امن ۽ ترقي يافته “
سماج جوڙي سگھون .
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين .
شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه 14 صفر 1165 ھجري ، 1752 ع ۾ وفات ڪئي . سنڌ ۾ عرس جي موقعي تي عام موڪل ھوندي آھي ۔
ساري رات سبحان ،جاڳي جن ياد ڪيو ،
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان ,
ڪوڙين ڪن سلام آڳھ اچيو ان جي ۔