6 سيپٽمبر کي اسلامي جمھوريه پاڪستان ۾ ” بچاء جو ڏھاڙو “ ڪري عوامي ۽ سرڪاري سطح تي جوش ۽ جذبي سان ھر سال ملھايو ويندو آھي . تعليمي ادارن ۾ شاندار تقريبون منعقد ڪيون وينديون آھن .اخبارون خاص ايڊيشن شايع ڪنديون آھن .
مھا ڏاھو علامه آء ۔ آء قاضي چوي ٿو ته ” اھا ئي قوم زنده رھندي جيڪا عظيم ھستين جي شاندار قومي ڪارنامن، حاصلاتن ، خدمتن ، تجربن ، مشاھدن ، مطالعن ، تحريرن ۽ شعرن جا ڪتاب ڇپائي ٿي ۽ سندن ڪارنامن کي محفوظ بڻائي ٿي “ ان پس منظر ۾ پاڪستاني قوم قدرن ۾ شاھڪار ۽ ھڪ زنده قوم آھي . پاڪستاني قوم به پنھنجن قومي ھيروز ۽ قومي ڏھاڙن کي ھميشه محبت ۽ قومي جذبي سان شاندار انداز سان ملھائيندي رھي آھي . ھن سال برساتي سيلاب سبب سڀ دلگير آھن تنھن ھوندي پنھنجن قومي ھيروز جي ياد ۾ ۽ ھن ڏينھن بابت پروگرام ڪيا پيا وڃن .
ھندستان 1965 ع ۾ ، بزدلن ۽ چورن وانگر لڪي اوچتو حملو ڪيو ، سندن ناپاڪ خيال ته پاڪستان جا ڪجھ علائقا فتح ڪري وٺنداسين ، پر پاڪستاني فوج ۽ عوام ان ناپاڪ ارادي کي ناڪام بڻائي خاڪ ۾ ملائي عبرتناڪ شڪست ڏني . پاڪستاني فوج ۽ قوم رڪ جي ديوار بڻجي پنھنجي بچاء کي يقيني بڻايو ۽ ھندستان کي ذلت ، خواري سان تاريخي شڪست ڏني.
پاڪستاني فوج ۽ قوم، قومي جوش ۽ جذبي سان دليري ،بھادري ۽ شجاعت جا اھڙا جوھر ڏيکاريا جو دشمن جون ست نسلون ياد ڪنديون . پاڪستان جو ھر فوجي جوان قومي جذبي سان سرشار ۽ بھادريء سان ملڪ وملت جي حفاظت لاء دشمن فوج کي جنگ جي ميدان ۾ ماري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آھي.
جنگيون ھميشه قومي جذبي سان وڙھيون وينديون آھن ، قومي جذبي ۾ پاڪستاني فوج
۽ عوام جو ڪو ثاني نه آھي.
پاڪستاني قوم ۽ فوج جنگ جي محاذ تي دشمن سان اھڙو مھاڏو اٽڪايو ۽ مقابلو ڪيو جو سندن ھميشه لاء کين ڏند کٽا رھندا ۽ ڪنڌ
جھڪيل رھندا .
ملڪ و ملت لاء قومي وفاداري جا داستان ميجر عزيز ڀٽي شھيد جي قومي جذبن ۾ پسي سگھجن ٿا .ميجر عزيز ڀٽي شھيد بغير آرام جي مسلسل ميدان جنگ ۾ دشمنن سان وڙھندا رھيا ته سندن اعلي اختيارن طرفان پيغام ڏنو ويو ته ،” اوھان مسلسل بغير آرام جي دشمنن سان وڙھي رھيا آھيو ، اوھان واپس اچي ڪجھ وقت آرام ڪيو “ ميجر عزيز ڀٽي شھيد جواب ڏنو ته ” آء´´ رت جوآخري ڦڙو به وطن جي دفاع لاء قربان ڪندس ۽ واپس نه ايندس “
پاڪستان جي پوري قوم پنھنجن فوجي جوانن سان شانه بشانه گڏ ھئا ،سڀني جي جدوجھد سوڀ ۽ فتح لاء ھئي کين اھو ئي جذبو ھو ته ھر حال ۾ ھن جنگ ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيئڻي آھي ،جيت ۽ سوڀ حاصل ڪرڻي آھي . پاڪستان جا سڀ نوجوان ، استاد ، دانشور ، بزرگ ۽ ميڊيا سڀ جنگ جي محاذ ۾ ھئا . ھن جنگ ۾ پوري قوم سان گڏ سنڌ واسي خصوصي طور تي حرن جا ڪارناما به نمايان آھن . پير سائين پاڳارا جن فرمان جاري ڪري ، حر مجاھدن کي وطن جي دفاع لاء ، جنگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو . سانگھڙ ، ٿرپارڪر ، ،عمرڪوٽ ، مٺي ۽ ٻين ضلعن وارن سرحدي علائقن ۾ حرمجاھدن به شجاعت ، دليري ۽ بھادري سان فيصله ڪن جنگ وڙھي ، دشمن فوج کي پوئتي ڌڪي، سندس فوجي چوڪين تي قبضا ڪري ورتا ۽ ھندستان جي سرحدن ۾ اڳتي وڌي ۽ داخل ٿي ، ھندستان جي وڏي ايراضي تي پڻ قبضا ڪري ورتا . پاڪ فوج ۽ عوام جي قومي جذبي سبب اڄ پاڪستاني عوام سڪون سان آرام ڪري رھي آھي .
پاڪ فوج ۽ سول سوسائيٽي سڀني ڏکين حالتن ۾ پنھنجي قوم جي خدمت ۾ نمايان رھيا آھن . زميني ۽ آسماني آفتن جي صورت ۾ بغير ڪنھن دير جي عوام جي بچاء ۽ بحاليء لاء اڳيان اڳيان ھوندا آھن . سڀني ڏکين حالتن ۾ ھمت ، ۽ قومي خدمت لاء سڀ وسيلا استعمال ڪندا آھن ۽ ھڪٻئي جي مدد بڻجي مشڪلاتن کي آسانين ۾ تبديل ڪندا آھن.
6 سيپٽمبر تي پوري قوم پنھنجن قومي ھيروز جي شھادت ڪارنامن ۽ حب الوطني جي ياد ۾ کين قوم سلام پيش ڪندي آھي کين جرئت ، ھمت ۽حوصلن جي واکاڻ ڪري پيار جو اظھار ڪندي آھي .
سڄڻ ۽ ساڻيھ ۽ ساڻيھ ڪنھن اڻاسيء وسري
حيف تنھين کي ھوء وطن جن وساريو .
.