سکر (رپورٽ ذوالفقار سولنگي) سنڌ هائي ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪمن تحت سکر جي ضلعي انتظاميه پاران سکر جي مختلف علائقن ۾ ٽينٽ سٽيز قائم ڪيون ويون آهن، جتي تازي تباهي مچائيندڙ برساتين ۽ سيلاب متاثرن کي منتقل ڪري انهن کي خوراڪ، دوايون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻين ضرورت واري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، ضلعي انتظاميه جي نگراني هيٺ سکر سٽي، نيو سکر، ۽ لب مهراڻ وٽ ٽينٽ سٽيز قائم ڪري وڏي انگ ۾ خيما لڳايا ويا آهن، ڪمشنر سکر غلام مصطفٰي ڦل جي هدايتن تي قائم ڪيل ڪيمپين ۾ رستن تي موجود برسات ۽ سيلاب متاثرن کي لڳايل ڪيمپين ۾ منتقل ڪري سندن کي بنيادي سهولتون فرام ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته خصوصي طور تي ميڊيڪل ڪيمپين جو پڻ انعقاد ڪيو ويو آهي جتي صحت کاتي جا ماهر ڊاڪٽرز مريضن جو معائنو ڪري سندن کي مفت دوائون فراهم ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ جڊيشل ميجسٽريٽ سکر محمد حسن ڦلپوٽو ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن سکر جي صدر ظفر علي ايدن منگي طرفان سنڌ هائي ڪورٽ بينچ سکر جي حڪم تي سکر جي علائقي ليبر ڪالوني ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، دوري دوران هنن ٽينٽن جو جائزو ورتو، ميڊيڪل ڪيمپين کي چيڪ ڪيو ۽ عملي کي هدايتون جاري ڪيون ته متاثرن کي کاڌ خوراڪ، علاج، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت هر طرح جو سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان موقعي تي ڊڪٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن سکر جي صدر ظفر علي ايدن منگي پاڪ سوچ ميڊيا گروپ سان ڳالهائيندي چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن لاءِ هر طره جون سهولتون دستياب آهن ۽ اتي موجود عملو پنهنجا فرض صحيح نموني انجام ڏئي رهيو آهي. دوري دوران جڊيشل ميجسٽريٽ سکر محمد حسن ڦلپوٽو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن سکر جي صدر ظفر علي ايدن منگي ۽ مختيارڪار سکر سميت ٻيو عملو وڏي انگ ۾ موجود هو.