ميھڙ ڪي اين شاھ ۽ ٻين شھرن مان ايندڙ ٻوڏ سٽيل سميت متاثرين فوڪل پرسن کي پيئڻ جي پاڻي دوائن جي کوٽ ھنڌ بسترا ۽ بيمار متاثرين جي لاء سھولتن جي اڻانٺ جي دانهن ڏيندي چيو ته ھتي ڪاب سھولت ميسر ناھن .ٻوڏ ستايل جي دانهن تي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ سندس ٽيم تي انتظام اڻپورا ڪرڻ سبب ۽ بيمار ماڻھن کي سھولتون نه ملڻ تي برھم ٿي پيو ۽ ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او حيدرآباد کي حڪم ڏنو ته فوري طور تي بيمار سيلاب متاثرين جو علاج ڪرايو ۽ کين صحت جون تمام سھولتون ڏيو.سيلاب متاثر ميھڙ واسي عورت جي 8 سالا نينگر کي پٽ تي لڳل فليجل بوتل ڏسي ڪيمپ ۾ موجود ميڊيڪل ٽيم کان سخت پڇاڻون ڪيو جنهن تي ڊيوٽي ڊاڪٽرن دوائن جي اڻپورائي جو مسئلو ٻڌايو.سيلاب ۽ برسات ايمرجنسي فوڪل پرسن حيدرآباد شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرن سميت عملي جي شڪايتن تي فوري نوٽس وٺندي متعلق آفيسرن کي پابند ڪيو ته متاثرين کي جلد صحت سميت تمام سھولتون مھيا ڪيو وڃن. انهيَ موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو حڪم آھي ته دريائي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين کي تمام سھولتون مھيا ڪيون وڃن ۽ انهن جو .خاص خيال رکندي مياري کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن