ڪشمور(رپورٽر طلعت نظير دايو) سنڌو درياءُ ۾ گڊو بئراج تي لاڳيتو واڌ وارو سلسلو جاري آهي گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 لک 61 هزار 118 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، گڊو بئراج وٽ هيٺيون وهڪرو 5 لک 61 هزار 118 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، گڊو بئراج وٽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، گڊو بئراج مان نڪرندڙ دريائن ۾ پاڻي بند ڪيو ويو آهي گڊو بئراج جي ڪي ڪي بچائو بند، آر ايم بند، ڀنگ بچائو بند تي به دٻاءُ وڌي ويو آهي، گڊو بئراج جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيهر پاڻي داخل ٿي ويو آهي، پاڻي جي واڌ سبب ڪچي جي علائقي کروڙ ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي، کروڙ جا 30 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻي پاسي آبپاشي کاتي پاران گڊو بئراج مان پاڻي 24 ڪلاڪن ۾ 7 لک تائين پاڻي ڪراس ٿيڻ جي اڳ کٿي ڪئي آهي، ٻي پاسي ٻوڏ واري صورتحال هئڻ جي ڪري آبپاشي کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي، ايمرڪنسي لاڳو هئڻ جي ڪري عملي جون موڪلون به بند ڪيو ويو آهن، ايمرجنسي لاڳو هئڻ باوجود گڊو بئراج جي آفيسن ۾ عملو غائب آهي ڪنهن به آفيس ۾ عملو نه هئڻ ڪري علائقي واسين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو،ٻي پاسي ايريگيشن اي سي شاه نواز ڀٽو سان ڪيترائي ڀيرا فون وسيلي گڊو بئراج بابت رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر فون اٽينڊ نه ٿيڻ ڪري موقف نه ملي سگهيو…