ڪالم
ڪلهه جڏھن اوچتو خالو ھوٽل واري وٽ چاچو عبدالله اچي ظاھر ٿيو، ته سڀني نمي سلام ڪيو، خالو چانهه جي صلاح ھنئي، چاچي چنبر پڇيو اڄ رئيس لاچار پيو ڏسجين ۽ ٿڪل لڳين پيو، ڪٿان موٽيو آھين، رئيس وڏي عبدالله چيو ته، ٻوڏ جو پاڻي ڪاھيو پيو اچي، ڪير ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ڪنھن آفيسر کي منٿون ڪريو آڻيون ٿا ته، ڇورا پاڻ وارا ٽچ فونون کڻيو ڄڻ گوليون مشن جون پويان چور چور ڪريو، ڀڄايو ڇڏين، جنھن کي جيڏانھن وڻي تيڏانهن پاڻيءَ کي ڦيرائي پيو، ڪو ٽيڪنيڪل انجنيئر ھجي ۽ ان جي به ڪو ٻڌي، بس سڀڪو پاڻ کي بچائڻ لاءِ پاڻيءَ کي ھيلي ڪاپٽر وانگر ڪراس ڪرائڻ چاھي پيو، ڏاڍي مغز ماري ڪئي سون، صفا ٿڪجي ۽ ٽٽي پئيس.
خالو منهنجو ننڍپڻ جو ساٿي ۽ ڪلاس فيلو آھي، ڏاڍو ھوشيار ھوندو آھي، آئون ان جي نقل ڪري ھر واري امتحان مان پاس ٿيندو هئس، ھن مرحيات بابي جي فوت ٿيڻ بعد اچي ھوٽل لڳائي اڃان تائين ڌڪي پيو، مون وري بابي مرحيات واري سياست کي ڇڪيو ۽ ڇڪيان پيو، پر ڏسان ٿو اھي جيڪڏھن ٽچ فونون آھن ته اسان کي ھاڻي گھر جھلڻو پوندو.
ھن واري سڄيون راتيون جاڳي چاپلوسي ڪرڻ بعد وڃين ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي سيٽ تي ٽڪيٽ بحال ڪرائيم، پوءِ نڪتس سڀني کي ھٿ کڻائڻ، ڪن کي محبت سان، ڪن کي ڇڻٻن سان، داروغن ايريگيشن کاتي کان وٺي روينيو کاتي وارن سان ملي ڪجهه ٿاڻيدار جون مددون وٺي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا سون، مٿان وري ٻوڏ آئي، ھاڻي ٽنگيا پيا آھيون.
حلف اڃان کنيو ڪونھي سڀڪو امداد ۽ ٽينٽن لاءِ بيٺو آھي، ڪا ڳالهه ڪاوڙ ۾ نڪتي ناھي سوشل ميڊيا جھٽي ناھي، ھونئن ته اسان وڏيرا ڏاڍا آھيون اڃان، باقي ڇورا گاريون ڏاڍيون ٿا ڏين، ڪلهه ڪجهه امداد ۽ ٽينٽ ورھائي، شام جو ڪمدار ۽ ڀائرن کي اک ڀڳم انھن جي ئي ٻنين کي ڳوٺن ڏانھن پنھنجي زمين جو سڄو پاڻي ڪٽ ھڻائي ڪڍيم، ھاڻي ماشاءالله ڪڻڪ جي بھترين پوک ٿي ويندي، خالو کي ڪڻڪ جي ٻوري موڪلبي پر انھن سڀني ونگار وھڻ وارن جي به سار سنڀال لھبي، باقي ٻه ڏينهن رڙيون ڪيون ننڍن باقي وڏا خاموش رھيا ڇو جو انھن کي امدادي سامان ڏنو ھئيم ۽ اڃان آسرو رکيو ويٺا آھن.
ايتري ۾ چاچي چنبر چيو وڏيرو چوان يا رئيس چوان بس اسان جو جيئڻ مرڻ ڄڻ تنھنجي ھٿ ۾، پاڙي جو چڱو مڙس آھين، ووٽن کي ڪير ٿو پڇي، خالو جي ھوٽل تي رھندڙ درويش چيو ته، “ووٽ ڏبو ڪونھي پر ورتو ويندو آهي، اھوئي فرق سمجھڻ ۾ دير ٿي وئي آهي”، بس اُھي لفظ ڪون ھئا ڄڻ ککر کي کڙو هو، وڏيري عبدالله جون سڀ ٿڪاوٽون ختم ٿي ويون.
رئيس وڏيري عبدالله کي درويش چيو، توھان وارا وڏا سڄو ڏينهن ڪڪڙي ۽ ڪڪڙ جي ويڙھ ۾ لڳل آهن، ھڪڙو ھر وقت ڪڪڙي ڪڪڙي ۽ چور چور ڪري پيو ٻيا وري چون ٿا ڪوڙو ڪوڙو صفا ڪوڙو، بس اسين عوام ڪڏھن کلون پيا ڪڏھن ٻڏون پيا، ھو امداد جمع ڪرڻ واري ملاکڙي ۾ لٿل آھن ڪير ڪيترو وڏو پينو آھي، اھو ڪم چڱو ئي صحيح پر اوھان کان ۽ اوھان جي مددگارن کان جڏھن ڇاڻجي ڇاڻجي اچي پھچي، تيستائين عوام ڀلي پئي لستون وٺي.
ھيڏي عمر گذري خالو ياد ڪو نه آيو، اڄ ڏس خالو واري ھوٽل کي ڀانڊو ٺاھڻ لاءِ اچي رئيس پھتو، وري به خوار خالو ٿئي، تيسائين تولو مولو سھڪندي سھڪندي اچي پھتا، خالو، خالو توڏانھن امداد ۽ ٽينٽن جا ٽڪ پيا اچن، ڪنھن موڪليان آھن، دويش وري چيو اجھي ٿا خالو جا ڄنڊا پٽجن، ماسي ولائي ۽ سڀاڳي ڄڻ آيون ئي آيون.