گجرات ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ڊي ايم کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم پنهنجي پرڏيهي آقائن کي جيترو خوش ڪري وٺو توهان هي ميچ نٿا کٽي سگهو.
گجرات ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته هاڻي ميچ جو اهو مرحلو اچي ويو آهي جتي پي ڊي ايم ڇا به ڪري کٽي نٿي سگهي، ان کانسواءِ هن چيو ته شهباز گِل تي تشدد ڪيو ويو ۽ حليم عادل شيخ سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته اسان جي انصاف جي تحريڪ اسلام آباد ڏانهن ايندي.
هن چيو ته حڪومت شوڪت ترين تي توهين آءِ ايم ايف لڳائڻ گهري ٿي، شوڪت ترين چيو ٻوڏ سبب اسان پئسا گڏ نٿا ڪري سگهون، اڄ پيٽرول 80 رُپيا وڌي چڪو آهي، ڊيزل اگهن ۾ سئو رپين تائين واڌ ٿي چڪي آهي.
عمران خان چيو ته مان ايبسوليوٽلي ناٽ چوندو هئس انڪري قابل قبول نه هئس، جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نه، آمريڪا جي ويڙهه ۾ اسي هزار پاڪستاني شهيد ٿيا ۽ آمريڪا کي راضي ڪرڻ لاءِ روس کان تيل نه خريديو ويندو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ساراهه سڄي قوم ڪندي آهي، 26 ورهيه اڳ چيو هو عدليا آزاد هئڻ گهرجي، مون سدائين عدليا کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته ن ليگ سپريم ڪروٽ تي حمل ڪيو هو.
هن چيو ته قومي کي حقيقي آزادي لاءِ جڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، هن چيو جڏهن قوم ۾ شعور ايندو آهي ته انقلاب ايندو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته سوچ وسيع ڪريو، وقت ايندو ۽ دنيا چوندي ته هو ڏسو پاڪستاني اچي رهيو آهي، الله اسان جي ملڪ کي 12 مندون ڏنيون آهن اسان هر فصل پيد اڪري سگهون ٿا.