سکر ( رپورٽ شاهد علي لاشاري) سکر لڳ ڊريهن واري علائقي ۾ برساتين سبب ڇتي واه جو پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو جنهن سبب ڪيترا ئي ڳوٺ جمال لاشاري، بسم الله ڪالوني، سبحان الله ڪالوني ۽ ڳوٺ گهرام لاشاري سميت ڪافي ڳوٺ پاني هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب غريب پورهيتن آصف لاشاري، محمد لاشاري، محمد راشد، غلام الله، شير علي، روشن علي سميت ٻين جا سوين گھر پاڻي هيٺ اچي ويا، ان بعد متاثر ڳوٺاڻا سون جي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن ٻارڙن سميت ڊريها اسٽاپ وٽ ويهي رهيا، جتي متاثرن پاڪ سوچ ميڊيا گروپ جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته برساتين بعد اسان واري علائقي جي ڇتي واه جو پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پئجي ويو آهي جنهن سبب اسان جا سوين گھر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ اسين گھرن مان نڪري ڊريها اسٽاپ وٽ بي يارو مددگار بڻيل ويٺا آهيون، متاثرن چيو ته اسان جڏهن کان هتي آيا آهيون اسان جي ڪهن به سار سنڀال نه لڌي آهي، نه اسان کي کاڌ خوراڪ جو سامان مهيا ڪيو ويو آهي، نه ئي وري اسان کي ٽئنٽ ڏنا ويا آهن، جنهن سبب اسين کليل آسمان هيٺ ويهي زندگي گزارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ٻچڙن کي مختلف بيمارين وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ اسان کي ايترا پئسا به نه آهن ته اسان پنهنجي ٻچڙن جو اعلاج ڪرائي سگھون ۽ نه ئي وري سرڪار طرفان اسان کي ميڊيڪل جي صحولت ڏني پئي وڃي، متاثرن لاڳاپيل اعلٰي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي اسان لاءِ کاڌ خوراڪ جو بهتر انتظام ڪري ٽئنٽ مهايا ڪرڻ سميت اسان جي ٻارن جو علاج ڪري سندن جي حياتي کي بچايو وڃي.