خبر موجب : وارھہ لڳ ڳوٺ خير محمد ملاڻو واسين حاڪم ملاڻو علي گل ملاڻو ستار ملاڻو پٺاڻ حبن سڌير پيارو دوست محمد امداد عمران ۽ ٻين جو ڳوٺ جي بااثر خلاف احتجاج، پاڪ مليل ٽينٽ من پسند کي ڏيڻ ٽينٽ کپائڻ ۽ شناختي ڪارڊ گم ڪرڻ جا الزام، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، بااثر خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو. ان موقعي تي متاثرن الزام مڙھيندي چيو تہ پاڪ فوج جا جوان سامان ورهائڻ اسان جي علائقي ۾ آيا هئا جن چيو اوهان ڪنهن هڪ کي سربراھ ڪيو جنهن کي اسين سامان ڏيون اسان ڳوٺ وارن امين ملاڻو کي سربراھ مقرر ڪيو جنهن اسان جا ڪارڊ پاڻ وٽ رکي جمع ڪيا. پاڪ آرمي طرفان مليل ٽينٽ هن پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکي ڇڏيا. بعد ۾ پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏئي بقايہ سامان کڻي هليو ويو جيڪو هن وڪرو ڪيو آھي. اسان جا ڪارڊ اسان کي نہ پيو ڏئي، اسان کي خدشو آھي تہ ڪٿي هو اسان جا ڪارڊ غلط هنڌن تي استعمال نہ ڪري اسين پ پ ايم پي اي ڊي سي قمبر ايس ايس پي قمبر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون تہ هن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.